ذڪري

ذڪري: بلوچـسـتان جـي هڪ مذهـبي ٽـولي/ فرقـو. هي مذهبي فرقو ان مهدوي تحريڪ جو حصو آهي، جنهن جو بنياد ننڍي کنڊ ۾ سيد محمد جونپوريءَ پنج صديون اڳ وڌو هو. هو اڪثر گهمندي ڦرندي تبليغ ڪندو هو. سنڌ مان شديد مخالفت ۽ خاص ڪري سن ۾ سيد حيدر سنائيءَ جي درياهي جنگ کان پوءِ سيد محمد جونپوريءَ بلوچستان جي ساحلي علائقي مڪران ۾ گذاريو ۽ پوءِ افغانستان هليو ويو. 1504ع ۾ وفات ڪرڻ بعد سندس مزار ’مزار شريف‘ جي نالي سان شهرت حاصل ڪئي. ان عرصي ۾ ڪيترن مشهور ماڻهن ذڪري تحريڪ کي تسليم ڪيو، جن ۾ مغل بادشاهه همايون جو پوٽو، اڪبر جي نوَ رتنن مان مُلا فيضي، ابو الفضل، شاهجهان جو پٽ ۽ موجوده دور ۾ نواب بهادر يار جنگ شامل هئا. بلوچستان ۾ ’ذِڪرين‘ گچڪي حڪمرانن جي دور ۾ زور ورتو، پر پوءِ قلات جي والي مير نصير خان حملو ڪري، کين ڀڄائي ڇڏيو ۽ اهي ايران، بلوچستان ۽ گوادر طرف لڏڻ تي مجبور ٿيا.
ذڪرين جو عقيدو آهي ته قرآن مجيد ۾ ٻن قسمن جي اصولن جو ذڪر ڪيل آهي، پهريون قسم شريعت سڏائي ٿو، جنهن کي آخرين رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم بيان ڪيو آهي ۽ ٻيو قسم ولايت سڏجي ٿو، جنهن جا اسرار ڳجها آهن. اهي ’ذڪر‘ کي بنيادي اهميت ڏين ٿا. سندن عبادتگاهه ’ذڪرن‘ يا ’ذڪر خانو‘ سڏجي ٿي، جتي هو ڏينهن ۾ پنج وقت عبادت ڪن ٿا. ذڪر دوران اُهي دائري ۾ ويهي قرآن پڙهن ٿا ۽ تسبيح پڙهندا رهن ٿا. ذڪرين لاءِ ’ڪوهه مراد‘ (تربت) مقدس جاءِ آهي، جتي سندن عقيدو آهي ته امام مهدي عليه السلام اچي رهيو هو ۽ جبل جي چوٽيءَ تي عبادت ڪئي هئائين. ’ذڪري‘ انهن رسمن کي ’زيارت‘ سڏين ٿا ۽ اهي انهن رسمن دوران پهاڙ جي چوٽيءَ تي ’چوگان‘ وجهن ٿا، جيڪو هڪ بلوچي لوڪ رقص آهي، جنهن ۾ ڌمال ۽ سماع شامل آهي. (پاڪستانيڪا، سيد قاسم محمود، ص: 2-501)


لفظ ذڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو