تربت

تُربَت: اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ ”تُراب“ يعني مٽي آهي. سنڌيءَ ۾ ان کي قبر ’لوڙهه ۽ بُٺي‘ به چون ٿا، جيئن ته قبر به مٽيءَ مان ٺهيل هوندي آهي، ان ڪري ان کي تربت چوندا آهن. اڄڪلهه قبرون ڪچيون، پڪيون توڙي سنگ مرمر ۽ ڪاشيءَ سان ٺاهيون وڃن ٿيون. پٿر جي قبرن ٺاهڻ جو رواج 16هين صدي عيسويءَ کان ملي ٿو. جن تي اُڪر جو ڪم به ٿيل آهي ۽ طبقن ۾ به ٺاهيون وينديون هيون. جن جو رواج هاڻي ڪونهي. قبر واري هر نموني جي بٺيءَ کي’تربت‘ ئي سڏيو ويندو آهي .


لفظ تربتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو