شاهجهان

شاهجهان

شاهجهان

شاهجهان: مغل سلطنت جو پنجون فرمان روا شاهجهان، 5 جنوري 1592ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو جهانگير هو. جهانگير کي خسرو، پرويز، خرم ۽ شهريار نالن سان چار پٽ هئا، جن مان خرم شاهجهان جي نالي سان مشهور ٿيو. شاهجهان ٻين شهزادن وانگر شاهي پرورش پاتي. تعليم، سپهه گيري ۽ مختلف فنن سان لاڳاپيل هر علم حاصل ڪيائين. هن هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون، پر محبت مان سندس شادي سن 1612ع ۾ ممتاز محل سان ٿي، جنهن جو اصل نالو ارجمند بانو هو. شاهجهان جو دور جهانگير جي وفات کانپوءِ شروع ٿئي ٿو. تاريخن ۾ سندس تخت نشينيءَ جو سال 1628ع ٻڌايو وڃي ٿو ۽ تخت تان هٽڻ جو سال 1658ع ڄاڻايل آهي، ان حساب سان شاهجهان 30 ورهيه ۽ 193 ڏينهن تائين حڪومت ڪئي. هن جي وقت ۾ هندستان ۾ ڪافي تبديلي آئي. خاص طور اڪبر واري نظام کي هن گھڻي قدر تبديل ڪري، اسلامي ۽ مذهبي روايتن کي رائج ڪيو.
شاهجهان کي شروع کان وٺي بغاوتن سان منهن ڏيڻو پيو. ليڪن انهن کي ڪاميابيءَ سان مُنهن ڏيندو آيو. البت 1657ع ۾ هن جي تخت تي سندس پٽ اورنگزيب قبضو ڪري پنهنجي پيءُ کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڀاءُ دارا شڪوه کي بلوچستان جي علائقي ڍاڍر مان گرفتار ڪرائي دهليءَ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو.
شاهجهان جو حڪومتي دور مغلن جو ثقافتي دور سڏيو وڃي ٿو. هي مغليه فنِ تعمير جو سونهري زمانو هو، جنهن ۾ شاهجهان گھڻي کان گھڻيون عمارتون ٺهرايون، جيڪي سندس دور جي عمارتسازيءَ جي تاريخ جون اهم عمارتون شمار ٿيڻ لڳيون. هن آگري، دهلي، لاهور، ٺٽي، ڪشمير، ڪابل، احمدپور، اجمير ۽ راجسٿان ۾ شاندار عمارتون جوڙايون. عمارتن کان علاوه شاهجهان ڪيترائي خوبصورت باغيچا پڻ ٺهرايا، جيڪي پڻ يادگار آهن. دنيا جو عجوبو سڏرائيندڙ ‘تاج محلشاهجهان پنهنجي گھر واريءَ ممتاز محل جي ياد ۾تعمير ڪرايو هو. دهليءَ جو ‘لال قلعو’ به سندس تعمير ڪرايل شاهڪار آهي. ٺٽي جي ‘شاهجهاني مسجد’ به سندس دور ۾ تعمير ٿي. آگري ۾ ‘موتي مسجد’ به شاهجهان تعمير ڪراِئي هئي. لاهور ۾ جهانگير جو مقبرو ۽ شالامار باغ به هن تعمير ڪرايا، جڏهن ته لاهور ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جڳهيون پڻ هن ٺهرايون هيون، پر وقت سان گڏوگڏ اڪثر يادگار ختم ٿي ويا آهن. هن ڪشمير ۾ به هڪڙو شالامار باغ ٺهرايو هو، جيڪو لاهور واري باغ جهڙو ئي لڳي ٿو. شاهجهان، هندستان جي گاديءَ جو هنڌ آگري کي تبديل ڪري دهليءَ کي مقرر ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. هن دهليءَ جي لڳو لڳ هڪڙو ننڍڙو شهر ‘شاهجهان آباد’ نالي به آباد ڪرايو هو. لاهور کي به خوبصورت شهر بنائڻ ۾ شاهجهان جو وڏو ڪردار رهيو. هن لاهور کي وڏي اهميت ڏني، ڪيترائي ڀيرا لاهور گهمڻ آيو، ۽ ڪيئي مهينا هتي ترسي پوندو هو. شهنشاهه اهڙن موقعن تي پنهنجين راڻين، ۽ شهزادين کي به اتي ٽڪائيندو هو. هن پنهنجي لاءِ ‘تخت طائوس’ ٺهرايو، جنهن تي ٻيو ڪير به نه وِهندو هو. اهو ئي تخت هو، جنهن کي ايران جو هڪ لٽيرو نادر شاهه 1739ع ۾ پاڻ سان ايران کڻي ويو هو.
شاهجهان کي سندس پٽ اورنگزيب جڏهن تخت تان لاهي قيد ۾ بند ڪرايو هو ته عام ماڻهن کي ٻڌايو ويو هو ته شاهجهان جي صحت خراب هئڻ ڪري تخت اورنگزيب سنڀاليندو. شاهجهان جي بيماريءَ واري بستري تان اٿڻ تائين اهو تخت وقتي طور تي اورنگزيب وٽ هو، پر ڪجھه عرصي بعد اورنگزيب جا ظلم وڌي ويا، هن پنهنجي ڀاءُ دارا شڪوهه جي سسي قلم ڪرائي هڪ خونچي ۾ بند ڪري قيدي شاهجهان ڏانهن ناشتي ۾ موڪلي ڏني، خونچي ۾ سسي اڃا بند ئي هئي ته شاهجهان چيو ته: “خدا جو شڪر آهي، جو ايترن ڏينهن بعد منهنجي پٽ مون کي ياد ڪيو آهي.” ائين چئي خونچي جو ڍڪ مٿي کنيائين ته دارا شڪوهه جي وڍيل سِسي ڏسي صدمي ۾ بلڪل جھري پيو ۽ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين. 22 جنوري 1666ع ۾ اسيريءَ دوران آگري جي تاريخي قلعي ۾ وفات ڪيائين. وفات وقت سندس ڄمار 67 ورهيه هئي. تاج محل ۾ سڀ کان اول راڻي ‘ممتاز محل’ وفات بعد دفن ٿي. شاهجهان کي سندس پياري بيگم جي ڀرسان تاج محل ۾ دفن ڪيو ويو. شاهجهان جي اولاد ۾ جهان آرا، داراشڪوه، روشن آرا، اورنگزيب، مراد بخش ۽ گوهر بيگم شامل هئا.


لفظ شاهجهانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1592.01.05  عيسوي

مغل سلطنت جو پنجون فرمان روا شاهجهان، 5 جنوري 1592ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو.


1666.01.22  عيسوي

شاهجهان 22 جنوري 1666ع ۾ اسيريءَ دوران آگري جي تاريخي قلعي ۾ وفات ڪيائين. وفات وقت سندس ڄمار 67 ورهيه هئي. تاج محل ۾ سڀ کان اول راڻي ‘ممتاز محل’ وفات بعد دفن ٿي. شاهجهان کي سندس پياري بيگم جي ڀرسان تاج محل ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لعل بخش جسڪاڻي ڊاڪٽر
اظھر علي شاهه ڊاڪٽر
عبدالغفار صديقي
پلي عزيز
بخاري سيد محسن شاهه
سيٺ غلام حسين قاسم
ابوالحسن مسعودي
چوئٿرام گدواڻي ڊاڪٽر
در محمد گائنچو
جميلا بوپاشا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون