جيئنداڻي

جيئنداڻي: جيئنداڻي هڪ ذات آهي، جنهن لاءِ مختلف روايتون آهن، جن موجب هن ذات جا ماڻهو ٺوڙها به سڏبا هئا، هن ذات جا مير ٽالهي خان جي پٽ مير جيئند خان جو اولاد آهن. نواب مير محمد خان ٺوڙهو، جيڪو مير جيئند خان جي پنجين پيڙهيءَ مان هو ۽ جنهن کي مٽياري، حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن ۾ جاگيرون هيون، سو سڄي سنڌ اندر بااثر مير هو. هن ذات وارا سندس نالي پويان سڏجن ٿا. لسٻيلي جي ڄاموٽن جي هڪ پاڙي جو نالو ۽ نوتياڻين جي سرياڻي شاخ مان هڪ پاڙي جو نالو به جيئنداڻي هو، جڏهن ته ڪتاب ’بلوچ اور پاڪستان‘ جي مصنف موجب جيئنداڻي ميرواڻي بروهين جو هڪ پاڙو آهن، جن جو وڏو بزرگ جيئند هو. هڪ روايت مطابق جيئنداڻي اوٺار جتن جو پاڙو آهي، جنهن جا ماڻهو بگهاڙ جي مڪان جا رهاڪو آهن ۽ ميين شاهه ڪريم جا مريد ۽ فقير آهن. جڏهن ته ڪرمتين جي ڀئوا شاخ ۽ راڌا اڱاريا شاخ جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ جيئنداڻي آهي.


لفظ جيئنداڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو