تسنيم

تَسنِيم: بهشت جي هڪ چشمي جو نالو، جنهن جو ڪلام پاڪ ۾ به ذڪر آهي ته هن چشمي جو پاڻي مقربين پيئندا، يعني اهي نيڪ بندا، جن کي الله تعاليٰ جي حضور ۾ رهڻ جو شرف حاصل هوندو. اهل جنت، جن کي ’ابرار‘ جو رتبو حاصل هوندو، انهن جي پاڻيءَ ۾ به هن چشمي جي پاڻيءَ جي آميزش هوندي. هن چشمي جو نالو ”تسنيم“ انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو، جو اُهو بلنديءَ تان اچي ٿو .


لفظ تسنيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو