انجڻيون

انجڻيون: هڪ قسم جي وڻ جو ڦر آهي، جيڪي نمورين وانگر ڪاري رنگ جون ٿين. اُن جا داڻا ڊگهيرا ٿين ۽ کائڻ ۾ ڪساريون آهن. پسارڪي وکر طور دوائن ۾ ڪم اچن ٿيون.
حڪيمن موجب انجڻيون معدي کي سگهارو ڪن ٿيون. ڪن بيمارين ۾ فائدو ڏين ٿيون. عام خيال آهي ته هي سوري بند ڪرڻ جو به خاص علاج آهن. ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط ڪن ٿيون. قبض ڪشا آهن. هنن جو هميشه استعمال اڇن وارن کي ڪارو ڪري ٿو.


لفظ انجڻيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو