تيزاب

تيزاب (Acids ):عام طرح گندرف جي پاڻيءَ کي ”تيزاب“ چوندا آهن. لاطيني ٻوليءَ جي لفظ ائسيڊس (Acidus) مان ‘Acid’ لفظ اخذ ڪيو ويو آهي، جنهن جو مطلب ظاهراً ته ”کٽو“ آهي، پر تيزاب جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو. اهڙا مرڪب جيڪي آبي ڳار ۾ هائڊروجن آئن (H+) مهيا ڪن، تن کي ’تيزاب‘ چئبو آهي. تيزاب عام طور تي پاڻياٺ حالت ۾ ملن ٿا. تيزاب جو ذائقو تيز ۽ کٽو هوندو آهي. تيزاب جا ڪيترا قسم آهن. جن ۾ هڪ تيزاب شورو به آهي، جنهن کي ”نائٽرڪ ائسڊ“ چئبو آهي. ان کي لاطيني اصطلاح ۾ ”ايڪو افورش“ به چوندا آهن. هن جو فارمولو HNO3 آهي. نائٽرڪ ائسڊ، مرڪب شورو آهي ۽ نائٽروجن، هائڊروجن ۽ آڪسيجن ان جا مرڪب آهن. تيرهن صدي عيسويءَ ۾ هڪ ڪيميائي سائنسدان ’ريمن لِل‘، شوري ۽ چيني مٽيءَ کي گڏي، گرمي ڏئي، هڪ مرڪب تيار ڪيو، پر ان جي اصل نوعيت ارڙهين صديءَ جي هڪ سائنسدان ’ڪيونڊش‘ ظاهر ڪئي. ڪيميائي ترڪيب موجب تيزاب جا گهڻئي قسم آهن. جن ۾ سلفيورڪ ايسڊ يا گندرف جو تيزاب، نائٽرڪ ايسڊ، ايسيٽڪ ايسڊ وغيره شامل آهن .


لفظ تيزابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو