آنولاسار

آنولاسار: جبل جي پئداوار، جنھن کي عربيءَ ۾ ’ڪبريت‘، ھنديءَ ۾ ’گنڌڪ‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’گندرف‘ چئبو آھي. ھن جا ٽي قسم ٿين ٿا: ڳاڙھو، ھئڊو ۽ ڪاراڻ مائل سائو. ھيءُ ڌڪ ھڻڻ سان ڀڄي پوندو آھي. گندرف کي طبي لحاظ سان ٻين وکرن سان گڏ ماري کرل ڪري دوا طور ڪم آڻيندا آھن. گھڻين بيمارين لاءِ مفيد سمجهيو ويندو آھي. گندرف سرنھن جي تيل ۾ ملائي خارش لاءِ به استعمال ڪجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو