تشنج

تشنج: ”تشنج“، عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. مادو ”شنج“ بمعنيٰ ڀريل هئڻ، اصل حالت کان گهٽ ٿيڻ. تشنج هڪ طبي اصطلاح آهي، جيڪو هڪ مرض جو نالو به آهي. هن مرض ۾ مريض جا اعصاب ختم ٿي ويندا آهن.مريض کي ڏڪڻي ۽ جهٽڪن جا دورا پوندا آهن، جنهن ۾ جسم تاڻجي ويندو آهي. هن مرض کي انگريزيءَ ۾ ”ٽيٽنس“ (Tetanus) چوندا آهن. اها بيماري جسم ۾ ڪنهن وڍ/ ڪٽ ذريعي داخل ٿيل جيوڙن سان ٿيندي آهي، جيڪي گندگيءَ، خاص ڪري جانورن جي لڏ وغيره ۾ هوندا آهن. هيءَ هڪ خطرناڪ بيماري آهي. ننڍڙن ٻارن کي جيڪي شروعاتي پنجن بيمارين جا ٽڪا لڳندا آهن، انهن ۾ تشنج جو ٽڪو به شامل آهي. ڊاڪٽرن موجب اهي پنج ئي ٽڪا لازمي لڳائڻ گهرجن .


لفظ تشنجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو