جوشاندو

جوشاندو

جوشاندو

جوشاندو: طبي اصطلاح ۾ اها دوا، جنهن کي جوش ڏئي (ڪاڙهي) مريض کي پياريو وڃي. هيءَ ’جوش ڏنل‘ دوا هوندي آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ڪاڙهو‘ به چوندا آهن. طب يوناني ۾ کنگهه، زڪام، بخار وغيره لاءِ جوشاندي جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جوشاندي ۾: گل، بنفشو، ڪشميري،ڪناب، خطمي، مٺي ڪاٺي، ليسوڙا، منقا وغيره شامل ڪيل هوندا آهن. اڄڪلهه مختلف يوناني ڪمپنين- همدرد، قرشي ۽ مرحبا وارن جا ٺاهيل جوشاندا، پڙين جي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ ملن ٿا


هن صفحي کي شيئر ڪريو