آهت

آهَتَ: ڪڙمي، ڪاسبي يا ڪنهن ٻئي مُهاڙيءَ کي ساليانو، فصل لهڻ تي سندس خدمتن عيوض آهت ڏنو ويندو آهي. سنڌ ۾ اڳي فصل لهڻ تي بٽئيءَ وقت ڪمين ڪاسبين ۽ ٻين مُهاڙين کي ساليانو ٻنڌاڻ يا لاڳ فصل مان وچان ڪڍي ڏبو هو: جيئن مسجد لاءِ هڪ ٽويو، مُلان لاءِ هڪ ٽويو، ڪنڀار لاءِ اڌ ٽويو، حجم لاءِ اڌ ٽويو، لوهار لاءِ اڌ ٽويو، واڍي لاءِ اڌ ٽويو، سيد لاءِ ٻه ٽويا. جيڪڏهن ڪو فقير فقراه اچي نڪتو ته ان کي به لَپ کَن اَنَ جي اُنهيءَ وقت ڏيندا هئا. ننڍڙن ٻارن کي وري پاٽي يا چوٿائي مفت ۾ ڏبي آهي، جنهن کي رُونگ چئبو آهي. سنڌ ۾ آهت پنهنجي سرندي مطابق ڏيندا آهن.


لفظ آهتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو