پاٽي

پاٽي: ان مئڻ لاءِ ڪاٺ مان ٺهيل هڪ ماڻ، جنهن ۾ هڪ سير اَن پوندو آهي. پاٽيءَ کان ننڍو ماڻ چوٿائي سڏبو آهي ۽ وڏو ماڻ ڪاسو ٿيندو آهي. انگريز دور ۾ اَن جا ماپا تبديل ٿيا ته پراڻا ماڻ به آهستي آهستي ختم ٿيندا ويا، پر اڃا تائين هارين نارين کي اهي ماڻ ياد آهن. مثال طور:4 چوٿايون = هڪ پاٽي (1 سير) 4 پاٽيون = هڪ ٽويو (4 سير)4 ٽويا = هڪ ڪاسو (16 سير)16 ڪاسا = هڪ خرار (20 مڻ).


لفظ پاٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو