پپراسر

پپراسر: کيرٿر جي هنج ۾ (تعلقي جوهي) جي پيٽ ۾ پپراسر نالي هڪ خوبصورت پاڻيءَ جو ڪنب آهي. هي سنڌ جو قديم ۽ من موهيندڙ تلاءُ سارو سال پاڻيءَ سان ٽمٽار رهي ٿو. پاڻيءَ جو اهو وهڪرو پپراسر وٽ قدرتي طرح هڪ ماڙ جيتري پٿرن تان بولاٽيون کائي ڪنهن آبشار جيان هيٺ ڪري ٿو. ان ڪنب لاءِ چيو وڃي ٿو ته ورهاڱي کان اڳ ٻڌمت وارن جو مقدس مقام هو، جتي ٻارهوئي گيڙو رتا ڪفنيون پاتل ڀڪشو من جو مير لاهڻ ۾ مصروف ملندا هئا. ورهاڱي بعد به هن پاڻيءَ تي ڪيترائي پرديسي پوڄاري رام کي ريجهائڻ لاءِ اچن ٿا. پپراسر جي جاگرافيائي بيهڪ 260 37' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 670 14' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي، ان ڪنب تائين ٽنڊي رحيم ۽ واهي پانڌيءَ کان سولائيءَ سان پهچي سگهجي ٿو، ان جي اولهه ۾ کيرٿر جابلو سلسلو پار ڪرڻ سان بلوچستان جي حَب علائقي ۾ پهچي سگهبو.
پپراسر تي نالو پوڻ جو ظاهر سبب به اهو آهي، جو ان ڪنب جي چوڦير ننڍڙا ننڍڙا پپر جا ٻوٽا ڪنهن پکيءَ جي کنڀڙين جيان کليا بيٺا آهن، انهن پپرن جون پاڙون هيٺ نئن جي پيٽ مان ڦٽڻ بجاءِ نئن تي عمود ٺاهيندڙ پٿريلي ديوار مان منهن ڪڍن ٿيون. ڪجهه غير سمجهه ماڻهن طرفان پپرن جي شاخن کي وقت به وقت ڪهاڙيءَ جي ڌڪ هڻڻ ڪري اهي وڻ ڪو وڻندڙ قدبت ڪري نه سگهيا آهن. پپرن جو اهو جهڳٽو پاڙ کان وٺي چوٽيءَ تائين ماڻهوءَ جي قد جيترو ٿيندو، حالانڪه پپر جو نالو ٻڌي ذهن ۾ اهو تاثر بيهي ٿو ته اتي ڪي وڏا پپر جا وڻ هوندا، پر ان جي برعڪس اتي ننڍا آهن. انهن مان ڪن پپرن جون شاخون جابلو آهن، ڀت مان ول جيان هيٺ لڙڪن ٿيون، بهرحال انهن پپرن جي رونق ڪري ئي ان ڪنب تي ”پپراسر“ نالو پئجي ويو. پپر معنيٰ پپل ۽ سر معنيٰ پاڻي يا تلاءُ، ان جو مطلب وڃي ٿيو پپر جي وڻن وارو تلاءُ، کيرٿر ۾ نه رڳو اهو پپراسر جي نالي سان تلاءُ آهي، پر ان جي ڪجهه مفاصلي تي هڪ ٻيو ”پپر ڪنب“ پڻ آهي، جتي تاريخي چٽ (Pictograph) پڻ نقش ٿيل آهن.
تلاءَ جي ڇاتيءَ جي ويڪر 100 فوٽ، ڊيگهه 70 فوٽ ٿيندي، ڪنب جو اتر پاسو زميني سطح طرف جهڪيل ۽ کليل هئڻ ڪري ان قدرتي حوض ۾ گڏ ٿيل پاڻي وهڪري جي صورت ۾ چيلهه کي موڙا ڏيندو اتر طرف تي پنهنجو پنڌ شروع ڪري ٿو، البت ان جو ڏکڻ پاسو جنهن تي ٽاڪرو ڀت ڏنل آهي، ان ڀت جي تلاءَ جي پاڻيءَ جي سطح کان وٺي چوٽيءَ تائين اوچائي 30 فٽ ٿيندي، ان سڌي ۽ عمودي ٽاڪرو ڇپ مان ئي پپر اسري آيا آهن.
پپراسر نه رڳو هڪ تاريخي ۽ مقدس ماڳ آهي، پر ساڳي ئي وقت هڪ دلڪش تفريح گاهه پڻ آهي، پپراسر جون اولهايون قدرتي ڇپون اهڙي انداز سان رکيل آهن، جو اتي سياح ڪجهه دير سڪون حاصل ڪرڻ سان گڏ تلاءَ
جي ٿڌي پاڻيءَ مان راحت حاصل ڪري سگهن ٿا، پپراسر جي گهري اونهائيءَ ۾ ڪي ماهر تارو ئي تري ويندا.
کيرٿر جي ڪيترن ئي ڪنبن کان هن تلاءَ جو پاڻي ڪافي شفاف ۽ صحت بخش آهي، ماڻهو توڙي جانور ڪو هن جا ڪوهه پر پيچ پيچرا ۽ پهڻ لتاڙي هتي اچي اڃ اجهائن ٿا، نه رڳو ايترو، پر هن ڪنب مان نڪرندڙ پاڻي سوين ماڻهن جو روزگار ۽ پيٽ قوت جو وسيلو به آهي.
پپراسر ۽ ان واهڙ جي آسپاس پن، سر ۽ ڪانهه به جام اسرن ٿا. اتي ٻي ساوڪ سبزي سان گڏ سيوئر ۽ ڪهيري جو ٻوٽو ڦٽي ٿو. ان ساوڪ سان سٿيل علائقي ۽ پاڻيءَ جي فراوانيءَ ڪري هتي جهنگلي جيوت جهجهي ٿئي ٿي، خاص ڪري سرهه، گڊ، هرڻ پپراسر جي سدابهار واهڙ تي پاڻي پيئڻ اچن ٿا. هن ڪنب تي ماڻهن ٻارا ٻڌي پوکي راهي شروع ڪئي آهي.
پپراسر جي ڀرسان کيرٿر ۽ ٽرڪ ڍوري جي آسپاس ”قاسوءَ جي رک“ مشهور آهي، جنهن ۾ قاسم لغاري نالي شخص سرهه، گڊ ۽ هرڻ پاليا آهن. ان علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو پاڻي جي سهولت ڏسي پپراسر جي وهڪري جي ڀر ۾ ئي پنهنجا گهر اڏي ويٺا آهن، اتان جون گهر ڌياڻيون ان واهڙ مان پيئڻ لاءِ کليون ۽ سانداريون ڀرن ٿيون، ساڳئي وقت رڌ پچاءَ سان گڏ لٽو ڪپڙو به ڌوئين. جبل ۾ رهندڙن جو اصل ذريعو معاش مال پالڻ آهي، هر مالوند وٽ وڏي تعداد ۾ رڍون، ٻڪريون ۽ اٺ وغيره آهن.


لفظ پپراسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو