پيرل قنبر

پيرل قنبر

پيرل قنبر

پيرل قنبر: عوامي شاعر استاد پيرل قنبر جو اصل نالو پير محمد سومرو هو. هن امام بخش سومري جي گهر ۾، 17 جولاءِ 1933ع تي ڳوٺ بٺي لڳ مبارڪ ڪلهوڙي، تعلقي ميرو خان ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قنبر- شهدادڪوٽ) ۾ جنم ورتائين. ابتدائي تعليم ۽ فائينل (سنڌي) جو امتحان قنبر مان پاس ڪري، پرائمري استاد ٿيو. پرائمري استاد جي حيثيت ۾ گاجي کهاوڙ، جانيءَ جي بند، ڳورڙ واهه، بوهڙ ۽ قنبر جي پرائمري اسڪولن ۾ پڙهائي ۽ 1978ع ۾ رٽائر ڪيائين.
1950ع ۾ جڏهن قنبر ۾ پرائمري استاد هو، تڏهن مجازي عشق جي چوٽ کيس پير محمد مان پيرل قنبر بنائي، شاعر بنائي ڇڏيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ قنبر کي خيرباد چئي شهدادڪوٽ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين، پر قنبر سان ساڳيو نينهن جو ناتو قائم رکيائين. ان شهدادڪوٽ جي ڪنبوهه پاڙي ۾ سندس اوطاق تي صبح شام ادبي محفلون جاري رهنديون هيون. نوجوان ۽ نوان اديب، شاعر، راڳي ۽ موسيقار وٽس ادبي محفلون مچائيندا هئا. هي شاعر، ڪجهه نه ڪجهه ويٺو لکندو هو. سنڌ جا ڪيترا شاعر گل، بيوس بشير، قمر الدين قمر، زبيده ميتلو، مينهل عباسي، قادن عباسي، ناشاد رشيد، محرم مستوئي، منظور مگسي، تاجل فقير ۽ ٻيا سندس شاگرد هئا. استاد پيرل پنهنجي زندگيءَ ۾ ’بزم پيرل قنبر‘ جو بنياد وڌو، جيڪا هن وقت ’پيرل قنبر ادبي سنگت‘ طور ڪم ڪري رهي آهي.
استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جو رنگ ۽ ڍنگ پنهنجو هو. عوامي لهجي سبب مقبول ٿيو. سندس هيٺين ڪافي ڏاڍي مشهور ٿي:
اديون ڙي ڀينر!، مون کي عشق انڌو ڪيو،
ڪچو گهڙو نه ته ڪير کڻي!
استاد پيرل سنڌيءَ کان سواءِ سرائيڪي، اردو ۽ هنديءَ ۾ به شاعري ڪئي. شاعريءَ جي سڀني صنفن تي لکيائين. هن سنڌي فلمن جهڙوڪ: سورٺ، هاري، پرائي زمين، سوڍا پٽ سنڌ جا، غيرت جو سوال وغيره جا گيت به لکيا.
پيرل قنبر جا مخدوم طالب الموليٰ، استاد بخاري، گل حسن شاد، نور شاهين، عبدالله انڙ، دادن فقير ۽ خان مدهوش'>احمد خان مدهوش سان سٺا ناتا هئا، انهن شاعرن سان گڏ ڪيترن مشاعرن ۾ حصو ورتائين. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ”زياده ان اپايو، منتظر سارو زمانو آ“ طرح تي شعري مقابلي ۾ خيرپور ڊويزن (ان وقت لاڙڪاڻو ۽ سکر خيرپور ڊويزن ۾ شامل هئا) مان پهريون نمبر کنيائين ۽ کيس صدر ايوب خان پاران لاهور ۾ گهرائي، گورنر مغربي پاڪستان جنرل محمد موسيٰ هٿان انعام طور 360 روپيا مليا، ان کانسواءِ استاد پيرل قنبر کي تعريفي شعر لکڻ تي اردن جي شاهه حسين کان سرٽيفڪيٽ، برطانيه جي راڻي ايلزبيٿ پاران تعريفي سرٽيفڪيٽ، شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلويءَ پاران گولڊ ميڊل ۽ هڪ تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاران انعام مليا.
هن اسٽيج ڊراما، ڳجهارتون ۽ همرچا به لکيا. سندس ڪلام ريڊيو ۽ ٽي. وي تان به ڳاتو ويو آهي. سڄي عمر شادي نه ڪيائين. 24 ڊسمبر 1994ع تي وفات ڪيائين، ’ڪڙڪ مقام شهدادڪوٽ‘ ۾ دفن آهي. هر سال سندس شاگرد، سندس ورسي ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن.


لفظ پيرل قنبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.07.17  عيسوي

پيرل قنبر 17 جولاءِ 1933ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو


1994.12.24  عيسوي

پيرل قنبر 24 ڊسمبر 1994ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريمچند ڪيولرام شهاڻي
الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاهه
جوکيو ڄام بجار خان
جيسر نور محمد
پمناڻي هاسارام پروفيسر
رامچندر ڀڳوانداس رهيجا
اقبال دل
عارف سنائي مخدوم
ارباب تاج محمد
حميره علواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون