روبوٽ

روبوٽ

روبوٽ

روبوٽ (Robot): روبوٽ ڪمپيوٽر سان ڪنٽرول ٿيندڙ هڪ مشين، جيڪا ڏکين ڪمن سرانجام ڏيڻ جي صلاحيت رکندي آهي. روبوٽ کي اليڪٽرونڪ سرڪٽ حرڪت جي قابل بنائين ٿا. اهي سرڪٽ فاصلي کان ايندڙ ريڊيو سگنلز سان ڪنٽرول ٿين ٿا. روبوٽ ڪنهن به شڪل يا ڪنهن به سائيز جا ٿين ٿا. روبوٽ ڪڏهن ڪڏهن ڪي خطرناڪ ڪم سرانجام ڏيئي انسانن جي جان بچائي سگھن ٿا. مثال طور ڪنهن جاءِ تي بارودي سرنگهه لڳل هجڻ جو شڪ هجي ته اتي ان کي ناڪاره بنائڻ واري عمل ۾ ڪو به ڪارڪن حفاظتي اپاءَ وٺڻ باوجود مري سگھي ٿو. اهڙين ڪاررواين لاءِ روبوٽ استعمال ڪيو ويندو آهي.
روبوٽ سڀ کان اول ٻارهين صديءَ ۾ الجزائري نالي هڪ مسلمان سائنسدان ايجاد ڪيو هو، جنهن بعد ان مشين ۾ وقت به وقت جدت آندي وئي ۽ روبوٽ ڏکين ۽ خطرناڪ ڪاررواين لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. روبوٽ خطرناڪ ڪمپليڪس ختم ڪرڻ لاءِ به فائديمند ثابت ٿئي ٿو ۽ ان کانسواءِ وڏين وڏين فئڪٽرين ۾ هڪ ئي عمل گھڻا ڀيرا ورجائڻ ۾ روبوٽ بهترين انداز ۾ ڪم سرانجام ڏيندا آهن. پر انهن روبوٽن کي به انسان ئي ڪنٽرول ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته روبوٽ ڪنهن غير معمولي صورتحال کي حل نه ٿا ڪري سگهن.
روبوٽ ڪنهن معلومات جي بنياد تي فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن. ڪجهه روبوٽ سکي به وٺن ٿا . هڪ ڀيرو ڪو به عمل ناڪام ٿيڻ بعد ٻيو ڀيرو ساڳيو عمل نٿا دهرائين، پر ڪو به روبوٽ اليڪٽرونڪ سرڪٽ جيترو به سٺو هوندو آهي، ڪمپيوٽر ٽئڪنالاجي اوتري وڌيڪ ڏکي ۽ حساس ٿي وڃڻ سان گڏوگڏ سمجھدار ٿيندا ويندا آهن. ماهرن جو خيال آهي ته ايڪيهين صديءَ ۾ زندگيءَ ۾ روبوٽ جو عمل دخل گھڻو وڌي ويندو. روبوٽ جذبات محسوس نٿا ڪري سگھن، پر انهن ۾ حساسيت پيدا ڪري سگھجي ٿي. ٽيليوزن، ڪئمرا ۽ روشني محسوس ڪرڻ وارا سيل روبوٽ لاءِ ڏسي سگھن ٿا. هي اليڪٽرانڪ صلاحيتون روبوٽن کي انسان وانگر محسوس ڪرڻ جي سگھه ڏين ٿيون. روبوٽ کي زمين کان ڏور ستارن، مثال طور مريخ تي به موڪليو ويو آهي، جيڪي اتي لٿا. اهو عمل انتهائي مشڪل هو. روبوٽ مريخ جي سطح تان مٽيءَ جا نمونا کڻي اچي انساني زندگي تلاش ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ ۾ انسان جي مدد ڪئي ۽ سائنسي ڪارنامن ۾ اهم تجربا سرانجام ڏنا آهن.
روبوٽ انسان سان ڏکئي کان ڏکئي ۽ خطرناڪ ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پهرين روبوٽ مشين (Lunal) جنوري 1959ع ۾ چنڊ جي سطح کان 6000 ڪلوميٽرن جي مفاصلي کان گذري. ڌرتيءَ ۽ چنڊ جي نظام کان پري پهرين ڪامياب فلاءِ باءِ مشين (Morinerz) هو، جيڪو ڊسمبر 1962ع ۾ زهره سياري جي سطح کان 35000 هزار ڪلوميٽرن جي مفاصلي کان گذريو.


لفظ روبوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو