ٽيليگرافي

ٽيليگرافي

ٽيليگرافي

ٽيليگرافي: برقي ڪرنٽ سان هلندڙ هڪ سادو اوزار آهي، جنهن جي استعمال سان تار وسيلي ٻن مختلف هنڌن جي وچ ۾ پيغام رساني ٿئي ٿي. انهيءَ جا مختلف قسم ٿين ٿا، جن مان سادي ۾ سادي نموني لاءِ هڪ بئٽريءَ کي تار وسيلي ٽئپنگ ڪيءَ (Tapping Key) سان ڳنڍجي ٿو، جنهن مان پيغام موڪلجي ٿو. ٻئي طرف هڪ سيٽيءَ (Buzzer) سان ڳانڍاپو ٿئي ٿو. اِن طرح ٽيليگرافيءَ ذريعي مختلف هنڌن تي پيغامن موڪلڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيليگراف جو ڄار وڇايل هوندو آهي، ليڪن اهي فقط اهڙا ماهر ئي سمجهي سگهن ٿا، جن کي بين الاقوامي ”مورس ڪوڊ“ جي ڄاڻ هجي.
هن نظام ۾ بجليءَ ذريعي هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تائين پيغام پهچايو ويندو آهي. برقي وهڪري کي لڳاتار بند ۽ جاري ڪري سگهجي ٿو. هن کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ جا نشان وقفن جي ذريعي مقرر ڪيا ويندا آهن. 1836ع ۾ چارلس ويسپٽول ۽ ان جي ساٿين، جن ۾ ڪڪ جو نالو قابل ذڪر آهي، هڪ سوئيءَ جو نظام جاري ڪيو، ان ۾ صرف پيغام موڪليو ويندو هو، يعني ٻنهي طرفان پيغام ڏيڻ لاءِ تار جا ٻه سلسلا قائم ڪرڻا پوندا هئا. ان کان پوءِ ٻي سوئيءَ جو آغاز ٿيو، جنهن ۾ هڪ ئي وهڪري تي اچڻ وڃڻ جو سلسلو قائم ٿيو. 1866ع ۾ هڪ اوزار ايجاد ٿيو، جيڪو پاڻمرادو پيغام تحرير ڪندو هو. ان سان گڏ ئي نشانين جو ۽ اشارن جو هڪ ضابطو مقرر ٿيو، جنهن جو موجد مورس نالي هڪ سائنسدان هو. بحري تار، جنهن کي ڪيبل چوندا آهن، سڀ کان پهرين ڊوور ۽ فرانس جي وچ ۾ لڳائي وئي. اهڙيءَ طرح مارڪوني جو بنا تار جي پيغام رسانيءَ جو برقي سلسلو به پهرين فرانس ۽ انگلنڊ جي وچ ۾ قائم ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو