رشيد صابر

رشيد صابر

رشيد صابر

رشيد صابر: سنڌي ڊرامن جي بهترين اداڪار، استاد ۽ ليکڪ رشيد صابر جو اصل نالو عبدالرشيد ولد عبدالله منڌرو هو، هن 10 جنوري 1945ع تي ٺٽي جي شهر جاتيءَ ۾ جنم ورتو. هو بنيادي طور هڪ مذهبي گھراڻي سان تعلق رکندو هو. هن مولوي فاضل جو امتحان پاس ڪيو هو، عربيءَ جو سٺو ڄاڻو هو، جنهنڪري 1960ع ۾ کيس 15 سالن جي عمر ۾ ئي نور محمد هاءِ اسڪول ۾ عربيءَ جي استاد جي حيثيت سان سرڪاري نوڪري ملي وئي. 1966ع ۾ شادي ڪيائين. شاديءَ کانپوءِ هن 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي. هو حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ به ڪافي عرصو استاد رهيو. حيدرآباد ۾ اديبن، شاعرن جي صحبت ۾ رهي 1963ع کان لکڻ شروع ڪيائين. سندس پهريون افسانو ماهوار رسالي ’بادل‘ ۾ شايع ٿيو، جنهن کانپوءِ هن امر جليل جي افسانن جو اردوءَ ۾ ترجمو به ڪيو. رشيد صابر کي حيدرآباد ۾ نوڪريءَ دوران استاد مخدوم امير احمد 1964ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي وٺي آيو، جتي هن پهريون ڀيرو هڪ تقرير تي 15 روپيا معاوضو حاصل ڪيو ۽ بعد ۾ باقاعدي ريڊيو حيدرآباد جي مذهبي پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهيو ۽ ڪجھه ’ڊاڪيومينٽريون‘ تحرير ڪري پنهنجي آواز ۾ پيش ڪيائين. صداڪاري به سٺي ڪندو هو، ريڊيو لاءِ هن پهريون سنڌي ڊرامو ’منزل‘ لکيو، جنهن کي پروڊيوسر منظور نقويءَ نشر ڪيو، ان کانپوءِ هن 300 کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ڊراما لکيا، جن ۾ ’هل پنهل هل‘، ’شادي شان وارن جي‘، ’ايڪ ٿي مهرو‘، دوسري عورت‘، ’چودهوين رات‘ ۽ ٻيا ڊراما شامل آهن. رشيد صابر 12 سنڌي فلمن جا اسڪرپٽ به لکيا، جن ۾: ’ڦل ماڇي‘، ’طوفان‘، ’گھاتو گھر نه آيا‘، ’ٽي قيدي‘، ’هو جمالو‘، ’برسات جي رات‘ قابلِ ذڪر آهن. هو اسٽيج ڊرامن جو اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پروڊيوسر به رهيو. هن اسٽيج ڊرامن جي هڪ سوسائٽي به ٺاهي. سندس ريڊيو تي پيش ٿيل مشهور ڊرامن ۾ قرباني، گلن جي راڻي ۽ گلدستو مشهور رهيا. هن ڊراما سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تان هن نور محمد لاشاري، يوسف علي، ساقي، منظور مراد، آفتاب عالم، لياقت سولجر ۽ نسرين ناز سان گڏجي حيدرآباد، ڪراچي، اسلام آباد، جيڪب آباد سميت مختلف شهرن ۾ ڊراما پيش ڪيا. رشيد صابر 1986ع ڌاري سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتي، جنهن کانپوءِ هو مستقل طور ڪراچيءَ منتقل ٿي آيو، جتي پي. ٽي. وي جي پروگرام ’رتيءَ جي رهاڻ‘ جو اسڪرپٽ لکندو هو. کيس پروڊيوسر بيدل مسرور اداڪار طور پي. ٽي. وي جي سنڌي ڊرامن ۾ متعارف ڪرايو، سندس پهريون ڊرامو ’اونداهي ۽ لاٽ‘ هو، جنهن کانپوءِ هن ٽي. وي جي 100 کان مٿي ڊرامن ۾ بهترين ڪارڪرگي ڏيکاري. هن خانگي سنڌي چئنلن تي به اداڪاري ڪئي ۽ ڊراما لکيا. کيس فن جي مڃتا عيوض ’ريڊيو پاڪستان رائٽرس اوارڊ 2001ع ۽ 2002ع‘ پڻ مليا.
رشيد صابر پنهنجي گھر ۾ لائبريري به قائم ڪئي، جنهن ۾ 8 هزارن کان وڌيڪ ڪتاب هئا. سندس ٻه درسي ڪتاب ’تاريخ اسلام‘ (ٻارهين ڪلاس لاءِ اسلاميات)، ’جديد عربي گرامر‘ (اٺين ڪلاس لاءِ عربي نصاب) پڻ ڇپجي منظر عام تي آيا. هن شاعري به ڪئي، طبيعت جو ماٺيڻو هو،
مولانا غلام محمد گرامي کيس ’صابر’ جو تخلص ڏنو، جيڪو تخلص بعد ۾ سندس سڃاڻپ بڻيو. مطالعي جو شوق رکندڙ ۽ ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. هن 13 ڊسمبر 2012ع تي وفات ڪئي.


لفظ رشيد صابرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.01.10  عيسوي

سنڌي ڊرامن جي بهترين اداڪار، استاد ۽ ليکڪ رشيد صابر جو اصل نالو عبدالرشيد ولد عبدالله منڌرو هو، هن 10 جنوري 1945ع تي ٺٽي جي شهر جاتيءَ ۾ جنم ورتو.


2012.12.13  عيسوي

مولانا غلام محمد گرامي کيس ’صابر’ جو تخلص ڏنو، جيڪو تخلص بعد ۾ سندس سڃاڻپ بڻيو. مطالعي جو شوق رکندڙ ۽ ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. هن 13 ڊسمبر 2012ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيگم نصرت ڀٽو
ابراهيم دائود گلزار ميمڻ
انور اقبال بلوچ
قربان علي خاصخيلي
دادي ليلاوتي هرچنداڻي
شاهه حسن
جان بابا مرزا ترخان
پشپا مالهي
بدر ڌامراهو ڊاڪٽر
ڄام محمد ايوب عالياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون