ناميارو شاعر امداد حسيني

ناميارو شاعر امداد حسيني

امداد حسيني

امداد حسيني: مشھور شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه آهي. پاڻ 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي کُٿاب (مڪتب) ۾ ورتائين. ايم. اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري (پارٽ ٽائيم) ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽه- ماهي ”مھراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد جھڙي ثقافتي مرڪز ۾ پليو نپنو ۽ گذريل ٽيھن سالن کان علم جي مرڪز ڄام شوري ۾ رهائش پذير رهيو. امداد جي شاعريءَ جو هڪ مختصر مجموعو، ”امداد آهي رول“ 1976ع ۾ سنڌي اڪئڊمي حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس طويل نظم ”شھر“ (1988ع ۾ لکيل ’شھر آشوب‘) مارچ 2000ع ۾، ٽيون مجموعو ”هوا جي سامھون“ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2000ع ۾، چوٿون مجموعو ”ڪرڻي جھڙو پل“ 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ۽ ’سورج لئه ڪو پٿر ناهي‘ (شاعري، 2023ع) ڇپجي پڌرا ٿيا. ٽکڙ پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪتاب ”مئل ماڻهو، جيئري پيڙا“ هن سحر امداد سان گڏجي سھيڙيو هو. ان کان علاوه مشھور سنڌي وير گاٿا ”دودي چنيسر“ جو اردوءَ ۾ ترجمو به ڇپيل آهي، جيڪو لوڪ ورثي اسلام آباد جو ڇپايل آهي. هن مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو اردو ترجمو به پڻ ڪيو، جيڪو اڪادمي ادبيات اسلام آباد ڇپايو. احمد خان آصف جي ٻاراڻن ٻولن تي مشتمل ڪتاب ’ٻاراڻا ٻول‘ (ڇھه جلد) جھڙي اهم تصنيف کي امداد حسينيءَ ايڊٽ ڪيو. اردو اڪئڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس. سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ (1971ع) سنڌالاجي پاران ڇپيو. هن بابا فريد ۽ ماڌو لال حسين جي پنجابي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. امداد حسيني بزم طالب الموليٰ حيدرآباد شاخ ۽ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ امداد حسينيءَ عملي طور ڀرپور بھرو ورتو. امداد حسينيءَ ”سانول“ جي نالي سان ڪھاڻيون به لکيون، ريڊيو لاءِ ناٽڪ، ڪھاڻيون ۽ گيت لکيائين. ريڊيو جي مقبول پروگرام ”جھڙا گل گلاب جا“ جا اڪثر اسڪرپٽ به امداد حسينيءَ جا لکيل آهن. امداد حسينيءَ ٽيليويزن لاءِ گيت ۽ ناٽڪ پڻ لکيا آهن. هن فلمن لاءِ گيت لکيا آهن، جن مان ڪجهه آهن: (1) ڌرتي لال ڪنوار (2) سڄڻ سائين (3) سائين '>حاضر سائين (4) جانيئڙا. 2000ع ۾ امداد حسينيءَ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي. ان کان پوءِ به ڪانٽريڪٽ تي، ڪجهه عرصو اتي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 2004ع کان 2006ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ٽن رسالن ٽماهي ”مھراڻ“، ماهوار ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ جي چيف ايڊيٽر جون ذميواريون نڀايائين، ان کان پوءِ ڪجهه عرصو اُتي چيف پبلڪيشن آفيسر پڻ رهيو. امداد ”سھڻي“ ۾ نون شاعرن جو ڀاڱو مرتب ڪرڻ کانسواءِ عبرت مئگزين جو ايڊيٽر ۽ ”ڪونج“ جي هڪ پرچي جو ساٿي ايڊيٽر به رهيو. امداد حسيني سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر پڻ رهيو. هن پنھنجي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ حاصل ڪيا آهن، جن ۾”طلوع پرائيز“، ”طالب الموليٰ اوارڊ“ ۽ ”نارائڻ شيام اوارڊ“، ”تمغه امتياز“ (2003ع) ۽ ”جوش مليح آبادي اوارڊ“ (2007ع) اهم آهن. امداد حسيني بنيادي طور هڪ شاعر هو، پر تخليق سان گڏ، مختلف موضوعن تي به هن جو اهم ڪم موجود آهي. جھڙوڪ ٻولي، تنقيد، ٻارن جو ادب ۽ لطيفيات. امداد حسيني سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”انسائيڪلوپيڊيا شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جھڙين اهم رٿائن جي ايڊيٽرن واري سٿ ۾ شامل رهيو. زندگيءَ جا آخري چند سال، پنھنجي ڪٽنب سميت ڪراچيءَ ۾ رهيو ۽ 27 آگسٽ 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ ئي وفات ڪئي، کيس اباڻي ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ امداد حسينيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.03.10  عيسوي

مشھور شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه آهي. پاڻ 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو.


2022.08.27  عيسوي

امداد حسيني 27 آگسٽ 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، کيس اباڻي ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي مريد مهيري
دانتي
ڀٽو حبيب الله
ستار پيرزادو
پلي نمرو
آسي زميني
پريل سومرو
احمد خان گلزار
بسنت ڪمار تياڳي
عبدالقادر چولياڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون