الله

ﷲ: (عربي ٻوليءَ جو لفظ) خدا تعاليٰ جو ذاتي نالو (لفظي معنيٰ = عبادت ڪرڻ). جي ذات اعليٰ ۽ بلندترين آهي. قرآن شريف ۾ ”“ جو لفظ 2697 ڀير آيو آهي. ابن العربيءَ جو قول آهي تہ ”“ جو اسم علم آهي ۽ انهيءَ برحق معبود تي دلالت ڪري ٿو، جنهن ۾ سڀ حقائق وجوديہ موجود آهن. ”ذات باري تعاليٰ جو اسم اعظم آهي: ” لا الہ الا هو وحدہ“. گهڻن عارفن جو اهوئي خيال آهي. علامہ بيضاويءَ جو چوڻ آهي تہ ”“ جو لفظ ’‘ مان مشتق آهي. ابوالهيثم کان جڏهن ’‘ جي اسم جي لغوي تحقيق جي باري ۾ پڇيو ويو تہ هن چيو تہ ”حقيقت ۾ ’الاه‘ هو، ال تعريف داخل ڪيو ويو تہ ٿي ويو. يعني ٻہ متحرڪ لام هڪڙي هنڌ گڏجي ويا، انهيءَ ڪري هڪڙو لام ٻئي ۾ مدغم ٿي ويو ۽ ’‘ ٿي ويو.“ البيضاويءَ جو اهو چوڻ آهي تہ اصل ۾ هي صفاتي نالو هو، مگر جڏهن جي ذات سان مختص ٿيو، تڏهن جي ذات کان سواءِ ٻئي ڪنهن لاءِ استعمال نٿو ٿئي. تڏهن هن کي اسم عَلَمَ جي حيثيت حاصل ٿي وئي. انهيءَ سلسلي ۾ قاضي شھاب الدين الخفاجيءَ جو هيءُ قول آهي تہ ”“ جو اصل يا اشتقاق يا ان جي عربي غير عربي هئڻ جي باري ۾ ڪئين قول آهن ۽ انهن ۾ اختلاف آهي. جيتوڻيڪ چيو ويو تہ جيئن انساني عقل خدا جي ذات ۽ صفات جي باري ۾ ٺوڪرون کائيندو رهيو آهي، اهڙيءَ طرح لفظ ’‘ بابت پڻ ششدر ٿي ويو آهي، ڇو تہ هن لفظ ۾ بہ ان جي صفاتي نوراني شعاعن جو عڪس آهي، جنهن جي ڪري اهل بصارت ۽ بصيرت حيرت زدہ آهن.
ڪي عالم لفظ ’‘ کي سامي زبان جو لفظ ڄاڻائين ٿا، مگر انهيءَ باري ۾ يقين سان ڪجهہ چئي نٿو سگهجي. دراصل سامي ٻولين ۾ ڪي اهڙا لفظ مشابهت رکندڙ هم معنيٰ هوندا آهن. الزبيدي چوي ٿو تہ ’‘ جو ’الف‘ حذف ڪري نٿو سگهجي، بلڪ الف سميت سڄي لفظ مان ئي ’‘ جو مقدس نالو بنجي ٿو. ٻيو تہ ’‘ انهن اسمن مان آهي، جن جي فعل مان اشتقاق جائز ڪونهي. ان جي برعڪس ’رحمان‘ ۽ ’رحيم‘ جي فعل مان اشتقاق ٺھي سگهندو آهي. زبيدي چوي ٿو تہ صحيح قول آهي تہ ’ان ذات جو اسم علم آهي، جو واجب الوجود آهي ۽ جنهن ۾ سڀئي صفتون ڪمال انداز ۾ جمع آهن ۽ هيءُ غيرمشتق هوندو آهي.
“ اسم ذات آهي ۽ ذات باريءَ جي نالي لاءِ اهڙو موزون لفظ دنيا جي ڪنهن بہ ٻوليءَ ۾ موجود ناهي. اهو لفظ ذات باري تعاليٰ جي سلبي مفهوم سان گڏ ايجابي مفهوم کي بہ جامعيت سان ادا ڪري ٿو. ان مان هڪ طرف سڀني باطل معبودن جي نفي ٿئي ٿي تہ ٻئي طرف انهيءَ هستيءَ جي اثبات ٿئي ٿي، جنهن لاءِ قرآن شريف ۾ آهي تہ ” هڪڙو ئي تہ آهي“.
“ جي صفتن يعني تخليق، ربوبيت ۽ قدرت ڪاملہ جو ادراڪ تہ ٿي سگهي ٿو، پر ذات جي حقيقت انسان جي علم ۽ فھم کان بالا آهي. مسلمان انهيءَ پاڪ نالي سان گڏ تعظيمي لفظن (تبارڪ و تعاليٰ، جل جلالہ وغيرہ) جو اضافو ڪندا آهن. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خدا“).


لفظ اللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

الله - مان نڪتل ٻيون شاخون-

اسماءُ ﷲ الحسنيٰ
جبار

اسم اعظم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون


اسم اعظم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون