اخلاق انصاري

اخلاق انصاري

اخلاق انصاري

اخلاق انصاري: سنڌ جو ناميارو ڪھاڻيڪار اخلاق انصاري 24 اپريل 1957ع تي لاڙڪاڻي ۾ انيس انصاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پريڪٽسنگ اسڪول لاهوري محلي لاڙڪاڻي مان، سيڪنڊري گورنمينٽ پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽرميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، بي ايس سي (آنرز)، ايم ايس سي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ٽين پوزيشن کڻندي پاس ڪئي. اسڪول جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان فاسٽ بالر، اسڪائوٽ، ٽيبل ٽينس جو رانديگر، ”گلن جھڙا ٻارڙا“ تنظيم جو بنيادي ميمبر ۽ ضلعي آرگنائيزر، تنظيم جو آئين ٺاهيندڙ ۽ ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو.هن لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي. سندس پھرين ڪھاڻي 1975ع ۾ ”انڊلٺ ريکا“ رسالي ۾ ڇپي. ان کان پوءِ سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ”گلن جھڙا ٻارڙا“ ۽ ”چڻنگ“ رسالن ۾ ڇپيون. اهڙيءَ طرح اردو، سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ سندس ڪھاڻين جا ترجما ڪيا ويا. سندس ڪھاڻين کي ٽي وي لاءِ ڊرامائي شڪل ڏيئي نشر پڻ ڪيو ويو. سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: ”رڃ ۾ رابيل“ (ڪھاڻيوڻ: 1987ع)، ”مان ڪائنات آهيان“ (ڪھاڻيون: 2003ع، هن ڪتاب تي کيس اوارڊ به مليو). سنڌي ادبي سرڪل ۾ کيس سنڌ جو پھريون سر ريئلسٽ ڪھاڻيڪار طور مڃيو ويو. ”اڏوهي“ (ناول: 2006ع جيڪو پنھنجي انداز جو جديد ناول آهي، جنھن کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران ايم اي جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو.) سندس سنڌي ڪھاڻين جو اردوءَ ۾ ترجمو ”سائے میں دھوپ“ جي نالي سان 2014ع ۾ ڇپيو. ”مان اڪيلو اواڪ“ (ڪھاڻيڪار جو نوٽ بوڪ) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گهاريل سالن جي ساروڻين تي آڌاريل نوٽ بوڪ، جيڪو سنڌ ۾ نئين صنف طور مقبول ٿيو. جنھن کي انجمن ترقي پسند مصنفين طرفان 2016ع ۾ بھترين ادب طور انعام ڏنو ويو. ”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ (ڪھاڻيون: 2020ع) ڇپيل آهن. اڻ ڇپيل ڪتاب ۾ خاڪن جو ڪتاب ”چھرا چھرا چنڊ“، ناول ۽ هڪ ڪھاڻين جو ڪتاب وٽس موجود آهن. اخلاق انصاري 2017 ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پروفيسر جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ هو علمي ادبي سرگرمين ۾ مصروف آهي.


لفظ اخلاق انصاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.04.24  عيسوي

سنڌ جو ناميارو ڪھاڻيڪار اخلاق انصاري 24 اپريل 1957ع تي لاڙڪاڻي ۾ انيس انصاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پونجو سيٺ
آمنه سومرو ڊاڪٽر
سھراب سومرو
حڪيم ميان معين الدين کنياروي
محمد يعقوب سولنگي شهيد
ڀنگرمحمد اقبال ڊاڪٽر
پريمي موهن لعل
دادا گرداس واڌواڻي
تراب لاڙڪاڻوي
شفيع اوڪاڙوي مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون