ٽين

ٽِينُ: هڪ قسم جو ڌاتو ، جيڪو کاڻين مان کوٽي ڪڍبو آهي . هن ڌاتوءَ جو نالو انگريزي ٻوليءَ مان ورتل آهي . هي ڌاتو تمام گهڻو لچڪدار ۽ نرم هوندو آهي . نج ڌاتوءَ جي صورت ۾ به لڀندو آهي ، پر گهڻو ڪري ٻين ڌاتن سان مليل هوندو آهي . صاف ٽين معدني پيداوار طور اڇو چمڪندڙ هوندو آهي . نرم ڌاتو هجڻ ڪري ان مان پڙڇ ، دٻا ، لئمپ وغيره ٺاهيا ويندا آهن . هيءُ ڌاتو گهڻو ڪري ملايا ، انڊونيشيا ، نائجيريا ۽ بوليويا ملڪن جي کاڻين مان لڀندو آهي .


لفظ ٽينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو