اڏوهي

اڏوهي

اڏوهي

اُڏوهي: هڪ قسم جو جيت، جيڪو قد بت ۾ ماڪوڙيءَ جيترو ٿئي، پر ماڪوڙيءَ کان مختلف ٿيندو آهي. اڇي ۽ ڀُوري رنگ جو هيءُ جيت زمين ۾ ٻِرُ ٺاهيندو آهي. سُڪل ڪاٺي هن جيت جو دل پسند کاڌو آهي. ان کان علاوه ڪتابن، ڪاغذن، ڪامن، داسن ۽ ڇيڻن وغيره کي به اڏوهي چڱيءَ طرح لڳي ويندي آهي. اُڏوهي ٻُوٽن، پوک ۽ خاص ڪري انبن جي وڻن کي سخت نقصان پهچائيندي آهي. اُڏوهي پنهنجو گهر عجيب طريقي سان ٺاهيندي آهي. هيءُ جيت زمين ۾ ڪئين گهر ٺاهي، لکن جي تعداد ۾ رهندو آهي. جيستائين ٻاهر نه ايندو، تيستائين سندس بستيءَ جي خبر نه پوندي. ڀتين ۽ ڇتين ۾ به مٽيءَ جي ناليءَ وانگر يڪو گهر ٺاهيندي آهي.
هن جيت کي پَرَ ڪونه ٿيندا آهن. پرن وارا نر ۽ راڻيون (مادي اڏوهيون) فقط مينهن جي موسم ۾ گهرن کان ٻاهر اُڏامنديون نظر اينديون. اُڏامندي سندن پَرَ ڇڻي پوندا آهن، تنهنڪري آسانيءَ سان ٻين جيتن جو کاڄ ٿي وينديون آهن. هن جيت جو دشمن تتر (پکي) آهي، جيڪو ان کي چاهه سان کائيندو آهي.


لفظ اڏوهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو