سانکوٽو

سانکوٽو

سانکوٽو

سانکوٽو: سانکوٽو، سنک يا ڪوڏ جو هڪ قسم آهي، جنهن جون هزارين جنسون مٺي ۽ کاري پاڻيءَ ۾ ٿين ٿيون، جن مان ڪي ننڍڙن ساهوارن تي گذران ڪن ٿا ۽ ڪي هڪ قسم جو کاڌو کائي زندگي گذارين ٿا. آبي سانکوٽا ڪلين رستي ساهه کڻن ٿا ۽ زمين تي رهندڙ ڦڦڙن رستي ساهه کڻن ٿا. ڪيترا زميني سانکوٽا سمنڊ ڏانهن هليا ويا آهن، پر ان هوندي به ڪيترا زميني مٿاڇري تي موجود آهن. زميني سانکوٽا ٻٽيءَ جنس وارا ٿين ٿا. سانکوٽا لعابي يا ترڪڻي گس تان هلندا آهن. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ سامونڊي پاڻيءَ جا تازا سانکوٽا کائبا آهن، جيڪي لذيذ کاڄ ۾ شمار ٿين ٿا. پراڻي دور ۾ رومي سانکوٽا پاليندا هئا، سانکوٽن جي ڪن قسمن رستي انسانن ۾ هاڃيڪار بيماريون پيدا ٿين ٿيون، سـانکـوٽا سـاوڪ کـي به نقصان پهچائيندا آهن. باغن ۾ ٿيندڙ گهونگها (Slugs) خطرناڪ قسمن ۾ شمار ٿين ٿا.
سنڌ جي هاليجي ڍنڍ ۾ هڪ خطرناڪ قسم جو سانکوٽو ’گولڊن ايپل‘ (Golden Apple Pomacea Canaliculata) ڏٺو ويو آهي، جيڪو 24 ئي ڪلاڪ ساوڪ کائيندو رهي ٿو، هي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي ۽ ڍنڍ کي خطرناڪ حد تائين نقصان پهچائي سگهي ٿو.


لفظ سانکوٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو