ٿر جي هڪ ڍاڻيءَ جو ڏيک

ٿر جي هڪ ڍاڻيءَ جو ڏيک

ڍاڻي

ڍاڻي: ٿر جا ماڻهو مال جي سهولت يا زمين جي سار سنڀال لاءِ ڳوٺ يا شهر کان ٻاهر عارضي اَجها ٺاهي ويهندا آهن، پوءِ ماحول کي بهتر سمجهندي کوهه کوٽي، اُتي مستقل رهائش اختيار ڪندا آهن. اهڙن ننڍڙن ڳوٺن کي ٿر ۾ ’ڍاڻي‘ چئبو آهي. ٿر جي پارڪر واري علائقي ۾ ڍاڻيءَ کي ’وانڍيو‘ به چوندا آهن. ٿر ۾ ڪيتريون ڍاڻيون آهن، جيڪي مختلف نالن سان سڏيون وڃن ٿيون. مثلاً: ڀوپن جي ڍاڻي، پُرکي جي ڍاڻي، ڀيلن جي ڍاڻي، الياس جي ڍاڻي، همير جي ڍاڻي وغيره. ڪي ڍاڻيون آباديءَ جي وڌڻ سان وڏا ڳوٺ بڻجي پونديون آهن.


لفظ ڍاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو