بوبڪ

بُوبَڪ: تعلقي سيوهڻ ۾ هڪ مشهور ڳوٺ. هن ڳوٺ تي اهو نالو ”بُوبَڪ“ ذات وارن ماڻهن جي اڪثريت ۾ رهڻ سبب پيو. پر اصل تحقيق اها آهي، جيڪا مخدوم محمد جعفر بوبڪائيءَ پنهنجي ڪتاب ”المتانة“ جي حاشيي تي لکي آهي، ته جنهن اهو شهر آباد ڪيو، تنهن جو نالو ”ابوبڪر“ هو، جو بگڙي ”بوبڪ“ ٿي پيو. بوبڪ جي شهر ۾ ڪيترين صدين کان آنحضرت صلي الله عليه وسلم جن جي چاچي، حضرت عباس رضه جو اولاد رهندڙ آهي، جن کي مخدوميءَ جو لقب مليل آهي. اهو لقب مٿن علمي مشهوريءَ ڪري پيو. هن خاندان مان ڪيترائي مدبر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن مان مخدوم عبدالڪريم ميران (وفات 949هه/ 1542ع) ۽ ان جو صاحبزادو مخدوم محمد جعفر رحه گهڻو مشهور آهن. دنيا جي اسلامي ملڪن ۽ علمي مرڪزن ۾ به سندن ڌاڪو ويٺل آهي. مخدوم عبدالڪريم ميران جي ”بوبڪ“ ۾ وڏي درسگاهه هئي، جنهن مان نه رڳو سنڌ پر پوري ننڍي کنڊ فيض پرايو. ”شيخ يوسف پاٽائي سنڌيءَ“ جي پٽ ”علامه طاهر محدث سنڌيءَ“ ۽ علامه ”حڪيم محمد عثمان بوبڪائيءَ“ بوبڪ جي انهيءَ درسگاهه مان فيض حاصل ڪيو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ هيءُ پرڳڻو نيرون ڪوٽ ۾ شامل هو. 17 صدي عيسويءَ ۾ هيءُ پرڳڻو (بوبڪ پرڳڻو) سيوهڻ سرڪار جي هٿ هيٺ هو. هن علائقي ۾ خلجي (مخدوم محمد جعفر جا پونير) سميجا، بڪيجا، خوجا، ڀَچا، پنهور ۽ هندو رهندا هئا.
بُوبڪ ڪنهن دؤر ۾ هڪ ناليرو ڳوٺ هو. هن کي ”بوبڪان“ به چيو ويندو هو. هيءُ ڳوٺ سيوهڻ لڳ ”بوبڪ روڊ“ اسٽيشن کان پنج ميل اولهه طرف، منڇر ڍنڍ جي ڪپ تي واقع آهي. هن ڳوٺ ۾ شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾ مخدوم جعفر وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. بوبڪ جي ٻين بزرگن ۾ مخدوم عبدالغني، مخدوم نورالدين، حڪيم عثمان ۽ ميان عبدالواحد جا نالا قابل ذڪر آهن. آڳاٽي وقت ۾ هتي تماڪ ۽ ڀنگ جي تمام گهڻي پوک ٿيندي هئي. هن وقت به بندش جي باوجود ڪٿي ڪٿي لڪ ڇپ ۾، هڪ اڌ ٻاريءَ ۾ ڀنگ پوکجي ٿي، جيڪا وڪري ۾ ڪانه ايندي آهي پر شوقين پنهنجي استعمال لاءِ رکندا آهن. هتي جي ڀنگ اعليٰ قسم جي ليکي ويندي آهي. هتان جا طوطا، ڀنگ جو ٻج شوق سان کائيندا آهن ۽ پوءِ پوک جي وچ ۾ ڳهريا پيا هوندا آهن. ننڍا وڏا کين آسانيءَ سان جهلي وٺندا آهن. انهيءَ ڪري هتي چوڻي مشهور آهي ته ”بُوبڪ جي طوطي وانگر ٺلهي ڪنڌ ڌوڻ نه ڪر“. هتي اڳ ناس ٺاهڻ جا ڪاريگر هوندا هئا، هاڻي ناس ڪانه ٺهندي آهي. هتي غاليچن ٺاهڻ ۽ سوٽي ڪپڙي جي اڻاوت جا ڪارخانا به هوندا هئا، پر هاڻي اُهو اوج نه رهيو آهي.


لفظ بوبڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1700.00.00  عيسوي

17 صدي عيسويءَ ۾ هيءُ پرڳڻو ( بوبڪ پرڳڻو ) سيوهڻ سرڪار جي هٿ هيٺ هو .



ڳوٺ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پوراچو
ٻلهڙيجي
روحل واءِ
اڪتڙ عاربي ڳوٺ
چُوڙيو2
ٺٽي2
ٻڌڪ
پليو لغاري2
ٻهارا
حاجي خان لغاري
ڳوٺ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون