تڳوسر

تڳوسر: تعلقي ننگر پارڪر جي هڪ ديهه ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
دوٻهار ، تڳوسر ، روهج ، متارونهڙي ، مٺڙيو هاليپوٽه ، عثمان جي ڍاڻي ، رحيم جي ڍاڻي ۽ رينو جي ڍاڻي .
ساڳئي نالي سان ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري ۾ هڪ ديهه موجود آهي ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
ولي محمد پهوڙ ، پيارو خان شر ، تڳوسر ، عبدالله پنهور ، مٺو خان خاصخيلي ، جمع ڪنڀار ، حاجي سليمان خاصخيلي ، لقمان نُهڙي ، جانُو پنهور ، محمد حسن لاکو ، جعفر خان مري ، گهنور علي شاهه ۽ حاجي مراد علي مري .


لفظ تڳوسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو