ڍنڍورو

ڍنڍورو (ديهه): تعلقي ننگرپارڪر جي هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
ساڪر ويرو، ڀالوا، ڍاڻي گھمون مينگھواڙ، مٺڙي ڪولهي، پاٽيا، واگھو ڪولهي، ساڪري، ڍاڻي هيمراج ڪولهي، پاڙو ميڪو ڀيل، پاڙو سگرام ڀيل، رتنياري خاصخيلي، رتنياري مينگھواڙ، حسين بخش خاصخيلي، قبول جي ڍاڻي، ڀگو جي ڍاڻي، مانسنگهه جي ڍاڻي، کاٽائو، ڏهيندڙو ۽ شهداد علي جي ڍاڻي. ’ڍنڍورو‘ نالي سان 60-1950ع واري ڏهاڪي ۾ خيرپورميرس مان هڪ اخبار به نڪرندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو