ڌرمشالا

ڌرمشالا: هندو ڌرم سان واسطيدار ماڻهو ڌرمي ۽ خيراتي سرگرمين لاءِ مسافر خانا ۽ سرائون ٺهرائيندا هئا، جن کي ’ڌرمشالائون‘ چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ ڌرمشالائن جو تصور تمام آڳاٽو ٿو ڏسجي. اڳي واپاري ماڻهو اُٺن، گھوڙن، خچرن ۽ ٻيڙن وغيره ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سفر ڪندي مسافريءَ دوران رستن تي ڌرمشالائن ۾ راتيون رهندا هئا، جتي رهائش سان گڏ کاڌ خوراڪ ۽ عبادت جو بندوبست به هوندو هو. اٺن، گھوڙن ۽ خچرن لاءِ الڳ بندوبست هوندو هو. ڌرمشالائن کي ’قافلا سراءِ‘ به چيو ويندو هو. ڌرمشالائن ۾ ماڻهو فقط هڪ رات لاءِ رهندا هئا.
سنڌ ۾ جتي جتي هندو رهائش پذير هئا، انهن اُتي ڌرمشالائون قائم ڪرايون، جن ۾ گهڻائي شڪارپور جي ڌرمشالائن جي هئي. شڪارپور ۾ بابا گرداس صاحب جي درٻار کي ڌرمشالا چيو وڃي ٿو.
ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسي اسڪول واري موجوده جاءِ تي هڪ اهڙو ئي پراڻي قافلا سراءِ هوندي هئي، جيڪا انگريزن جي شروعاتي دور تائين قائم هئي، بعد ۾ شهر جي وڌڻ ۽ هوٽلن قائم ٿيڻ کانپوءِ ان تي قبضو ڪيو ويو. ڪراچيءَ جو لانڍيءَ وارو علائقو به هڪ قافلي سراءِ جي ڪري مشهور هو. ڪراچيءَ جي بندر روڊ تي مولوي موليڏني جو مسافرخانو مشهور هو، جيڪو هن 1878ع ۾ قائم ڪيو هو، اها عمارت اڳ ۾ ڌرمشالا هئي. ورهاڱي کانپوءِ هندستان کان آيل ماڻهن ڌرمشالائن تي قبضا ڪري پنهنجي رهائش لاءِ استعمال ڪيو. ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ هندن جون ٻيون به ڪيتريون ئي ڌرمشالائون هونديون هيون، جن ۾: شڪارپوري ڌرمشالا، گجراتي ڌرمشالا، ليما مارڪيٽ ڌرمشالا، ڀاٽيا ڌرمشالا، لوهاڻو ڌرمشالا، ڀاڳناڙي ڌرمشالا، مهاراشٽر ڌرمشالا، سنڌي گرامي ڌرمشالا، ساڌو هيرانند ڌرمشالا، مارواڙي ڌرمشالا، چيلارام ڌرمشالا وغيره شامل آهن.
لڪي شاهه صدر اسٽيشن جي سامهون هڪ ڌرمشالا جا کنڊر اڃا تائين موجود آهن، جتي مسافر ماڻهو ترسي، آرام ڪري لڪيءَ جي گرم چشمن ڏانهن ويندا هئا؛ دادو ضلعي جي خداآباد ۾ هڪ ڌرمشالا جا نشان اڃا تائين موجود آهن؛ سکر ۾ به ڪافي ڌرمشالائون هونديون هيون، جن مان ڪن جا نشان اڃا موجود آهن؛ ڏيپارجا، تعلقي موري ۾ سرڳواسي قيمتراءِ بچو مل ببلاڻيءَ جي ياد ۾ سندس ڌرم پتنيءَ شريمتي ميٺل ٻائيءَ، 23 ڊسمبر 1944ع ۾ هڪ ڌرمشالا ٺهرائي هئي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٻاهران جيڪي هندو مهمان ايندا هئا، اُهي هن ڌرم شالا ۾ ترسندا هئا. ورهاڱي بعد هن ڌرمشالا جا سنڀاليندڙ هندستان هليا ويا۽ هيءَ عمارت ويران ٿي وئي، جنهن کي حڪومت قبضي ۾ آڻي ڏيپارجا جو بنيادي صحت مرڪز بنايو. ڪافي سال هيءَ جاءِ اسپتال رهي، جڏهن ڏيپارجا ۾ 1988ع ۾ سرڪاري، اسپتال ٺهي تيار ٿي ته هن جاءِ کي خالي ڪيو ويو. سنڀال نه ٿيڻ ۽ برساتن سبب هيءَ عمارت هنڌان هنڌان ڇڄي پئي آهي. ان کان سواءِ حيدرآباد، لاڙڪاڻي، هالا، مٽياريءَ، کٿڙ، مياڻيءَ ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ به ڪيتريون ئي ڌرمشالائون هيون، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ ختم ٿي ويون.


لفظ ڌرمشالاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو