ڇيت

ڇيت: ڪاٺيءَ جي سنهي ذري کي ڇيت چئبو آهي. ڇيت ڪنهن به وڻ جي ڪاٺي، سر، ڪانهن، ننڍڙن ڪنڊيدار ٻوٽن جي ننڍڙي تهه جي صورت ۾ ٿيندي آهي. ٻهراڙين ۾ زرعي زمينن تي ڪم ڪندڙ هارين يا پورهيتن جي جسم جي عضون، پير، اک، هٿ وغيره ۾ اهڙي قسم جا ذرڙا چپي پوندا آهن. ڇيت ننڍڙي هئڻ جي باوجود تمام گهڻي ڏکندي آهي. ان کي تشبيهه طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪا ننڍڙي ڳالهه دل تي بيهي رهي يا گهڻي تڪليف ڏي ته چئبو آهي ته، ’اصل ڇيت وانگر پئي چڀي.‘


لفظ ڇيتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو