چلغوزو وڻ

چلغوزو وڻ

چلغوزو

چلغوزو (A Pine-nut): چلغوزو هماليه جبل ۾ ٿيندڙ مقامي سطح جو وڻ آهي، جنهن کي ’نيزا‘ (فروٽ) ٿيندا آهن. هـي وڻ صـنـوبـري (Pinaceae) خـانــدان جـي جـنـس (Pinus) سان تعـلـق رکـي ٿـو. هـن جـو سائنسي نالو (Pinus geradiana) آهي، جـڏهـن ته هن کي عام طرح چيل جو وڻ به چيو وڃي ٿو. چلغوزي جا وڻ جابلو چوٽين تي 1800 کان 3350 ميٽر اوچاين تي ڦٽندا آهن. هيءُ وڻ افغانستان، پاڪستان، ڪشمير ۽ اتر اولهه هندستان ۾ ٿئي ٿو. ڊگهي، اوچي ۽ کليل ٽارين وارن هنن وڻن جي اوچائي 10 کان 20 ميٽر ٿيندي آهي. هنن جا گهرا ۽ ساوا پن 6 کان 10 سينٽي ميٽر ويڪرا ٿيندا آهن. هن وڻ جو ٻج سنهي ۽ سخت کلن ۾ بند ٿيل هوندو آهي، جيڪو ڀڃي کائبو آهي، ان ٻج کي ’نيزا‘ چوندا آهن. هن جا ٻج ڪاربو هائڊريڊ ۽ پروٽين سان ڀرپور ٿيندا آهن. 1839ع ڌاري هن وڻ کي برطانيه ۾ به متعارف ڪرايو ويو.


لفظ چلغوزوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو