سجادو

سجادو

سجادو

سجادو(Sunhemp) : هي وڻ ڪانگڻيءَ جي وڻ جيڏو ٿيندو آهي، جيڪو فصلن سان گڏ پاڻيءَ تي پيدا ٿيندو آهي. هن جون شاخون ڊگھيون، لڪڻن وانگر ٿيندون آهن، جن مان تندون نڪرنديون آهن. حڪيمن موجب سجادي جون پاڙون گھوٽي پياريڻ سان بواسير جي رت جي گھڻائيءَ کي روڪي سگهبو آهي. ڦڦڙن جي بيماريءَ ۾ به فائدو ڪندو آهي. پيشاب جاري ڪري ٿو، مثاني جي پٿري، مثاني جي ڦٽ ۽ جگر جي گرميءَ لاءِ مفيد آهي. هن جي پاڻيءَ جون گرڙيون ڪرائجن ته ڏندن جي سُور کي لاهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو