آئرا

آنوَرا/ آئُرا: هڪ قسم پسارڪو وکر، جيڪو وارن جي تيل ۾ استعمال ٿيندو آهي. آنوِرَن جو وڻ سنڌ ۾ ڪونه ٿئي، پر گرم علائقن ۾ ٿيندو آهي. هيءُ وڻ هڪ سؤ فوٽن تائين اوچو ٿيندو آهي. وڻ جو ڦر صوفي ٻير جيڏو ۽ گول ٿيندو آهي، جنهن جا سُڪل داڻا ڪاري رنگ تي ۽ ذائقي ۾ ڪاسارا ٿين ٿا. حڪيمن موجب آنورا طبي لحاظ سان دماغ، جگر ۽ معدي کي تقويت ڏين ٿا. قلب کي فرحت ۽ ذهن کي طاقت ڏين ٿا. عام عقيدو آهي ته تازن آنورن جو مربو، بواسير، کنگهه ۽ دمڪشيءَ لاءِ فائدي وارو آهي. هنديءَ ۾ هن کي ”آمله“ چوندا آهن.


لفظ آئراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو