جافر

جافر / جائفل: جافر/ جائفل جو وڻ ڏهن کان ٽيهن ميٽرن تائين ڊگهو ٿئي ٿو. هن جون ٽاريون ڪمزور ۽ هيٺ هونديون آهن. پن ڄمون وانگر ننڍا هوندا آهن، جن جو مٿيون حصو تيز سائو ۽ هيٺيون حصو زردي مائل ڀورو ٿيندو آهي. هن جا گل گولائيءَ تي خوشبودار ٿيندا آهن، پر ڪن ۾خوشبوءِ نه هوندي آهي. برسات کان پوءِ هن ۾ جافر لڳن ٿا. پچڻ کان پوءِ ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. هن جي مٿان چؤطرف هڪ هيڊي رنگ جي کل هوندي آهي. هن وڻ کي عربيءَ ۾ جوزبوا، فارسيءَ ۾ جوزبويا، سنسڪرت ۾ جاتي ڦلا، هنديءَ ۾ جائفل، انگريزيءَ ۾ ’Wet Meg‘ ۽ لاطينيءَ ۾ (Myristiea Frayans) چون. هن جو مزاج گرم ۽ خشڪ آهي.

هيءُ هڪ قسم جو وکر آهي، جيڪو مصالحي طور ڪم ايندو آهي. اصل ۾ لفظ ’جائفل‘ آهي، جيڪو عام ٻوليءَ ۾ ڦري جافر ٿي ويو آهي. جافر ۽ جاوتري هڪ ميوي جا ٻه قسم آهن. جافر جي ٻج جي کل واري حصي کي جاوتري چئبو آهي. ان جو اصل وطن ’جزائر مولڪا‘ آهي. هن جو وڻ 60 فوٽ کن اوچو ٿئي ٿو ۽ ميوي جهلڻ کان پوءِ 15 يا 20 سالن تائين مسلسل پيداوار ڏيندو رهي ٿو. جاوتري به مصالحن ۾ شمار ٿئي ٿو. جافر جي ٻج ۽ جاوتريءَ مان هڪ قسم جو خوشبوءِدار تيل نڪري ٿو، جيڪو خوشبوئن ٺاهڻ ۾ استعمال ٿئي ٿو. ان کان سواءِ جافر جو تيل دوائن ۾ به استعمال ٿئي ٿو. جافر ۽ جاوتريءَ کي هڪجهڙو ذائقو ٿئي ٿو، پر جافر جاوتريءَ کان قدري مٺو ٿئي ٿو. جافر کي ٻوڙ ڀاڄين کان سواءِ کيرڻين، ڪيڪ ۽ شربتن ۾ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.





لفظ جافرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو