چِڻوٺي

چِڻوٺي: چڻوٺي، هڪ قسم جي وڻ جو ٻج آهي، جيڪو چؤنرن جي داڻن کان ٿورو وڏو ٿئي ٿو. هن جو رنگ ڳاڙهو ۽ اڇيرو ٿيندو آهي. سونارا تور ۾ چڻوٺي ’رتي‘ وزن جي برابر ڪم آڻيندا آهن. هن ٻج کي ’رتي‘ به چوندا آهن. چڻوٺي طبي لحاظ کان دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي. دماغ ۽ سيني جي رطوبت کي خشڪ ڪندڙ آهي. يرقان، ٻرهل، سنڌن جي سور ۽ سيني جـي بيـمـاريـن لاءِ مـفيـد آهي. حـڪيـم هـن کي پـاري ۾ گـڏي به استعمال ڪرائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو