ڀکار

ڀکار (راڳڻي ):ماروا ٺاٺ جي سمپورن ۽ اترانگ جي راڳڻي آهي. هن ۾ مڌم ۽ نکاد جا سُرَ آهن، ان لاءِ ماروا ٺاٺ جي بڀاس راڳڻيءَ کان الڳ بيهي ٿي. ڪي گائڪ ٻئي مڌم هڻي ڳائين ٿا. ان ڪري به راڳ جي صورت الڳ ٿي بيهي ٿي. هن جي خاص تان: ني سا- گي ما- پا – ما- پاگي- را- سا- گي- ماگي- پاگي- را سا. آروهي: سا را سا- گي مي ڌي سا ۽ امروهي: سا ني ڌي پا- ما گي مي گي- را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر: پنچم ۽ سم وادي: کرج آهي ۽ ڳائڻ جو وقت رات جو ٽيون پهر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو