ترون

ترون/ تربيني (راڳڻي ):هي پوربي ٺاٺ جي کاڍو راڳڻي آهي. مڌم جو سر ورج آهي. هيءَ راڳڻي سريراڳ جي انگ ۾ ڳائبي آهي. هن ۾ گنڌار ۽ پنچم جي سنگت رهي ٿي. ڪن وٽ هي ماروا ٺاٺ جي راڳڻي مڃيل آهي. سريراڳ ۽ هن ۾ فرق هي آهي ته هن جي آروهيءَ ۾ گنڌار ۽ ڌيوت ڪو نه آهن. امروهي سمپورن آهي، يعني ترون کاڍو راڳڻي آهي. سريراڳ اوڍو سمپورن آهي، چتر پنڊت هن کي شام جي راڳڻي لکي ٿو ۽ ان جو وادي سر پنچم آهي.
هن جي خاص تان: را را سا- سا را گي را سا- ني را گي را- گي پا گي را گي را سا آهي. آروهي: سا را گي پا ڌا ني سَا ۽ امروهي: سا ني ڌا پا گي را سا، جڏهن ته وادي سُر: رکب (ڪن وٽ پنچم) ۽ سموادي سُر: کرج آهي. هن راڳڻي جي ڳائڻ جو وقت شام آهي .


لفظ ترونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو