براري

براري (راڳڻي ):ماروا ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي، جنهن جي آروهي امروهي سمپورن آهي. هن راڳڻي کي جهولائڻ ضروري آهي. ڪجهه ماروا جي صورت نظر اچي ٿي، پر ماروا کاڍو آهي ۽ ان ۾ پنچم ورج آهي، هن ۾ ايئن ڪو نه آهي. براري ۾ مڌم دربل آهي. ان لاءِ گنڌار ۽ پنچم جي سنگت رهي ٿي. سوم ناٿ پنڊت براري کي سمپورن سڏيندي پوربي ٺاٺ ۾ رکيو آهي، رکب ۽ کرج وادي سموادي سُر ڏيکاريا اٿس. گرنٿن ۾ براريءَ جا ڪافي قسم ڄاڻايل آهن، پر رواج ۾ ڪو نه آهن. ڪن جا نالا ڏجن ٿا. شڌ براري 2 ڪنتل براري، 3. درونيڙي براري، 4 سفيدوي براري، 5 اُسپرا براري 6 هت براري، 7 هر تاب براري وغيره. سنڌي سنگيت پاريجات ۾ هنن راڳڻين جون چالون ۽ لڇڻ ڏنل آهن. پر ڳائجن نٿيون .
هن راڳڻي جو خاص سرگم: گي- را گي- مي راگي- را سا- پا- مي ڌي مي گي را گي- را- سا آهي. هن جي آروهي: سا را گي مي پا مي ڌي سا ۽ امروهي: سا ني ڌي پا مي گي را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر گنڌار ۽ سموادي سُر ڌيوت آهي. هي راڳڻي شام جي وقت ڳائبي آهي. (نوٽ: راڳ ساگر ۾ هن راڳڻيءَ جو ذڪر ماروا ٺاٺ جي زمري ۾ ٿيل ڪو نه آهي. )


لفظ براريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو