ٽوڙي3

ٽوڙي3 (راڳڻي ):ٽوڙي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي.ڪي ڌيوت کي وادي ڪري سمجهن ٿا ته ڪي گنڌار کي. آروهي ۾ رکب دربل اٿس. هن جي ڳائڻ جو وقت ٻپهري آهي، ڌيوت کي وادي سر سمجهڻ گهرجي. اَڄڪلهه ٽوڙيءَ جا ڪجهه قسم رواج ۾ آهن. گائڪ گهڻو ڪري شڌ مڌم به لڳائين ٿا. هن کي بلمپت لئي ۾ ڳائڻ گهرجي. هن راڳڻي جي خاص تان: ڌا ڌا – پا- ڌا- پا مي گا- را گا- را- سا- ني ڌا ني سا- گا- را گا- را- سا- ڌِا- نِي سا- گا- را گا – را سا- نِي ڌِا- پا- مي ڌِا- ني سا- ڌا- ني سا- را گا- مي گا- را گا- را سا آهي. هن جي آروهي: سا را گا مي پا ڌا ني ۽ امروهي: سا ني ڌاپا مي گا را سا آهي، وادي سُر: ڌيوت ۽ سموادي سُر: گنڌار آهي، ڳائڻ جو وقت: ٻپهري مقرر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو