ٿرواهه

ٿرواهه: هي واهه 1867ع ۾ مڪمل ٿيو، جيڪو 216 ميل ۾ ٻانڌ يا ڇاٻ کان بلڪل هيٺ نارا کان نڪري ٿو، ۽ ائين دائمي پاڻيءَ جو وهڪرو کڻندو رهي ٿو، پر ان کي سالياني طور پهرين ڊسمبر تي پاڻيءَ سِمڻ کان بچڻ لاءِ بند ڪيو وڃي ٿو. هن واهه جي منهن وٽ پيٽ جي ويڪر 34 فوٽ آهي ۽ 1904ع ۾ خريف مند دؤران پاڻيءَ جو نيڪال هڪ هزار 175 ڪيوبڪ فوٽ في سيڪنڊ هو، تنهنڪري آبيانو پنجاهه ايڪڙ في فوٽ جو مقدار بيهي ٿو. امر ڪوٽ تعلقي ۾ زمين سيراب ڪندڙ واهه جي ڊيگهه چوويهه ميل آهي ۽ سندس پنج شاخون آهن، جن تي لوهي ڇاٻون لڳل آهن، ۽ سندن ڪل ڊيگهه اٺيتاليهه ميلَ آهي. انهن ۾ ٻه ميل تي ساڄي شاخ، ٽي ميل تي ڇور واهه، ست ميل تي امر ڪوٽ شاخ، تيرهين ميل تي کيجراڙي شاخ ۽ کيجراڙي شاخ جي ڇهين ميل تي نور واهه شامل آهن. پوکجندڙ سراسري ايراضي ڇاونجاهه هزار 532 ايڪڙ آهي، جنهن ۾ خريف ۾ چرخيءَ تي پوکجندڙ پنج هزار ايڪيتاليهه ايڪڙ، خريف ۾ موڪيءَ تي ٽيتاليهه هزار ستونجاهه ايڪڙ، ربيع چرخيءَ تي پوکجندڙ ڇاهٺ هزار ۽ ربيع وهڪري تي پوکجندڙ ست هزار 468 ايڪڙ آهن. 05-1904ع ۾ مرمت تي سرڪاري آيل خرچ ست لک ڇاهٺ هزار پندرهن رپيا هو، منجھانئس ملندڙ سراسري ڍل هڪ لک ستاويهه هزار 729 رپيا ۽ کاٽيءَ تي ايندڙ لاڳت اٺ هزار 792 رپيا هئي .


لفظ ٿرواههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو