پڳڙي

پڳڙي: هندو واڻين جي پائڻ جي خاص اڇي ٽوپي (جيڪا اڳڙين مان ٺاهيل هوندي آهي)، پڳڙي هندو ڀائيبندن جي لباس جو خاص حصو آهي ۽ اها پڳڙي ڪپڙي جي پٽين مان ٺهندي آهي، ان ۾ اندران ڪلف ڏيندا، مٿان تهه ڄمائيندا ويندا آهن. اها پڳڙي وچ اوڀر جي دور کان گهڻو اڳ پارسي (گبر) پائيندا هئا. اهي واپاري قسم جا ماڻهو اها ڌرمي رسمن جي ادائگيءَ وقت پائيندا هئا، سنڌ ۾ ڀائيبند فقط اڇي پڳڙي پائيندا آهن، پر قديم پارسي لوڪ ڳاڙهي پڳڙي پائيندا هئا. عباسي دور ۾ برمڪي خاندان جا اڳواڻ هوبهو اها ئي پڳڙي پائيندا هئا. ٿر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ راجپوت (ٺڪر) توڙي ٻين ڪيترن هندو خواهه مسلمان ذاتين جا مرد اڇي پڳڙي ۽ ڦينٽو (رنگين پڳ) ٻڌندا آهن، جيڪي انهن جي لباس جو حصو آهن.


لفظ پڳڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو