بطانو

بُطانو: مٿي تي پٽڪي، دستار، پڳڙي ٻڌڻ کان اڳ پهريائين ڪپڙي جي ٽوپي يا ڪُلو پائبو آهي، انهيءَ لاءِ ته پٽڪي، دستار يا پڳڙي جلدي ميري نه ٿئي. ڪُلي يا ٽوپيءَ جي اندران ڪپڙي جو ڀراءُ ڏبو آهي ته جيئن پٽڪو، لونگي، دستار وغيره مٿي تي ڦٻي بيهي. ڀراءَ طور وڌيڪ ڏنل ڪپڙي کي ”بطانو“ چوندا آهن. هيءُ اصل ۾ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو