جوڙِي

جوڙِي: اڳي ’شوهي‘ کان وڌيڪ ٿلهو ڪپڙو به تيار ڪيو ويندو هو، جنهن کي ’جوڙي‘ چيو ويندو هو. ’جوڙي‘ غريب ماڻهو پائيندا هئا ۽ ان جي ٺاهڻ جو رواج انگريزن جي دور تائين موجود هو. جوڙي صرف اڇي رنگ جي ٺهندي آهي، موهن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ به هن قسم جو ڪپڙو اُڄندو هو، ڇاڪاڻ ته ان قسم جي ڪپڙي جي رڳڙ جا نشان ڪن مهرن تي مليا آهن. قديم زماني ۾ ڪپڙي جي ٿان کي به ’جوڙي‘ سڏيو ويندو هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو