پنجڙا

پنجڙا: ”سنڌ جا هندو اُڏيري لال کي ورڻ ديوتا/ جل ديوتا جو اوتار ڪري مڃيندا آهن. ٻئي طرف مسلمان انهيءَ کي دريا پير يا خواجه خضر ڪري مڃيندا آهن. ٻنهيءَ جو آستان هڪ ئي هنڌ تي اُڏيري لال ۾ هڪ وسيع ايراضيءَ ۾ قائم آهي. هندوُ اُڏيري لال جي مڃتا ۽ ساراهه ۾ سالياني ميلي جي موقعي تي گيت ڳائيندا آهن، جن کي ’پنجڙا‘ چيو ويندو آهي، جيڪي پنجن پنجن مصرعن تي مشتمل هوندا آهن.
اڏيري لال جو اصل آستان مٽياري ضلعي جي ڳوٺ اڏيري لال ۾ آهي، جڏهن ته هندستان ۾ سنڌي هندن جي اڪثر مندرن ۾ اڏيري لال جا مجسما رکيا ويا آهن ۽ اڏيري کي هند جي سنڌين ”سنڌيت جي نشاني“ يا علامت طور پنهنجو ڪيو آهي. اهو ميلو هند توڙي سنڌ ۾ وڪرمي سنبت جي چيٽ مهيني ۾ لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو