چيٽ

چيٽ: چيٽ سنڌ جو پهريون فصلي مهينو آهي. راءِ گهراڻي جي راجا راءِ سهاسي پهرئين جڏهن ايراني هاڪارن کي شڪست ڏئي سنڌ کي آزاد ڪرايو هو ته اُن جي ياد ۾ 4 مارچ 626ع کان پهرئين سنڌي ڪئلينڊر جي ابتدا ڪئي هئائين، جيڪا چيٽ مهيني جي پهرين تاريخ هئي. هي ربيع جي فصل جو مهينو آهي، جيڪو عيسوي مهيني جي 14 مارچ کان شروع ٿي، اپريل جي 13 تاريخ تي ختم ٿيندو آهي. چيٽ ۾ هندو نوراتا رکندا آهن، ۽ دُرگا ماتا جي پوڄا ڪندا آهن، خاص ڪري، لوهاڻا، سونارا، ٻاوا (سوامي) ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو صدق سان نوراتن جا ورت رکندا آهن، جن کي ’چيٽ جا نوراتا‘ چوندا آهن. هن ئي مهيني ۾ سنڌ ۾ چيٽي چنڊ جا ميلا اُڏيري لعل ۽ ٺٽي ضلعي ۾ پير پَٺي جي ويجهو لڳندا آهن، ۽ هندستان جا سنڌي هر شهر ۾ چيٽي چنڊ کي ’سنڌيت جو ڏينهن‘ ڪري ملهائيندا آهن.


لفظ چيٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

626.03.04  عيسوي

چيٽ سنڌ جو پهريون فصلي مهينو آهي. راءِ گهراڻي جي راجا راءِ سهاسي پهرئين جڏهن ايراني هاڪارن کي شڪست ڏئي سنڌ کي آزاد ڪرايو هو ته اُن جي ياد ۾ 4 مارچ 626ع کان پهرئين سنڌي ڪئلينڊر جي ابتدا ڪئي هئائين، جيڪا چيٽ مهيني جي پهرين تاريخ هئي.



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀنڀور مسجد
اصحابي جي قبر
جُماڳي
رام رامچندر
تميم
جامع مسجد ٺٽو
ارداس
اشلوڪ
حوضِ ڪوثر
پِڙائي خوجا
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون