طالش

طالش

طالش

طالش (اداڪار): نامور فلمي اداڪار طالش 10 نومبر 1923ع ۾ لڌيانا (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو علي عباس رضا هو، طالش جو اصل نالو آغا علي عباس قزلباش هو، سندس فلمي نالو آغا طانش هو. پاڻ فني زندگي جو آغاز بمبئي ۾ ٺهندڙ فلم ”سرائي“ سان ڪيائين. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان لڏي اچي پشاور ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي هي ريڊيو سان منسلڪ ٿيو، ان کانپوءِ فلمي دنيا سان وابسته ٿيو، آغا طانش جون مشهور فلمون جن ۾ هن اداڪاري ڪئي. انهن ۾ ”نٿ“ ، ”جهيل“، ”ڪناري“، ”دربار حبيب“، ”امراءَ جان ادا“، ”شهيد“، ”وطن“، ”نيند“، ”ڪنيز“، وغيره شامل آهن. سندس فني خدمتن عيوض ست ڀيرا نگار اوارڊ سان نوازيو ويو. هن 19 فيبروري 1998ع ۾ وفات ڪئي،کيس لاهور ۾ غلام اقبال ٽائون جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ طالشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.11.10  عيسوي

فلمي اداڪار طالش 10 نومبر 1923ع ۾ لڌيانا (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو.


1998.02.19  عيسوي

طالش 19 فيبروري 1998ع ۾ وفات ڪئي،کيس لاهور ۾ غلام اقبال ٽائون جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
سيد مدد علي شاهه ڊاڪٽر
الطاف آگرو
اڪرم مڱڻهار
شيام داس جوشي
آڏواڻي ڀيرو مل مهرچند
ٻاٻيهو
بوزدار رحيم بخش خان
بيبي صغرا آپا
اشتياق انصاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون