شڪيل

شڪيل

شڪيل

شڪيل: ٽي. وي ۽ فلم جو مشھور اداڪار شڪيل، 29 مئي 1938ع تي ڀوپال (گڏيل هندستان) ۾ڄائو. سندس اصل نالو يوسف ڪمال هو. هن پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم انگريزي ميڊيم جي فرينچ مشنري اسڪول ڀوپال مان حاصل ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچي لڏي آيو. خوبصورت هجڻ سبب کيس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. سندس پھرين فلم هونھار (1966ع) باڪس آفيس تي سُپر هِٽ فلم ثابت ٿي، جنھنڪري کيس ٻين فلمن سان گڏ اردو ڊرامن ۾ به ڪم ملڻ لڳو. ڊرامن ۾ سندس شھرت جو سبب ‘نيا راسته ڊرامو’ بڻيو، جيڪو 1971ع ۾ حسينه معين لکيو هو. سندس مشھور فلمن ۾ ‘هونھار’ (1966)، ‘جوشِ انتقام’ (1968)، ‘پاپي’ (1968)، ‘زندگي ’ (1968)، ‘ناخدا’ (1968)، ‘داستان’ (1969)، ‘انسان اور گدها’ (1973)، ‘بادل اور بجلي’ (1973)، ‘چاهت’ (1973)، ‘جيدار’ (1981)، ‘جناح’ (1998) ۽ ‘زهر ِ عشق’ (2016) شامل آهن. جڏهن ته سندس ٽي وي ڊرامن ۾ ‘شهزوري’ (1974ع)، ‘انڪل عرفي’ (1975ع)، ‘اَن ڪھي’ (1982ع)، ‘آنگن ٽيڙها’ (1984ع)، ‘هيپي عيد مبارڪ’، ‘عروسه’ (1994ع) ۽ ‘چاند گرهن’ (1995ع) مشھور آهن. 1992ع ۾ کيس ‘پرائيڊ آف پرفارمنس’ جي اوارڊ سان نوازيو ويو. ان کان سواءِ 2005ع ۾ کيس ‘انڊس ڊراما اوارڊ’ به ڏنو ويو. 29 جون 2023ع تي 85 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي جي CMH اسپتال ۾ وفات ڪئي.


لفظ شڪيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.05.29  عيسوي

ٽي. وي ۽ فلم جو مشھوراداڪار شڪيل، 29 مئي 1938ع تي (گڏيل هندستان) ڀوپال ۾ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تولارام ڪنعيا لال رهيجا
امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي
جونپوري سيد محمد
حنيف رامي
سيد يار محمد شاهه
پاٽائي شيخ معروف
حمل جت
راشدي سليم
بشر بن دائود المهلبي
رنوير سنگھه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون