جنگ

جنگ

جنگ2

جنگ2 (اخبار ):اردو زبان جي مشهور اخبار روزانه ’جنگ‘، نامياري صحافيءَ مير خليل الرحمان 1939ع ۾ دهليءَ کان شروع ڪئي. انهيءَ وقت جي لحاظ کان هيءَ اخبار برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ مسلمانن جي حقن لاءِ آواز اُٿاريندي ڄڻ ته مسلـم لـيـگ جـي تـرجمـان اخـبـار بڻجي وئي. 1947ع ۾ پـاڪسـتــان ٺهڻ بعد ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو ته دهليءَ مان نڪرندڙ اخبارن- روزانه ’انجام‘ ۽ روزانه ’جنگ‘ جا دفتر به ڪراچيءَ منتقل ڪيا ويا. ان بعد روزانه ’جنگ‘ ۽ روزانه ’انجام‘ ۾ صحافتي مقابلو رهيو. صحافت ۾ جدت ۽ فني مهارت سان ڇپائيءَ سبب روزاني ڊان ۽ جنگ جي اشاعت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. هيءَ هر دؤر ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي معاملن، سياسي ۽ سماجي منظرنامي کي عوام آڏو آڻيندي رهي آهي.
1981ع ۾ روزاني ’جنگ‘ ڪمپيوٽرائيزڊ ڇپائيءَ جو آغاز ڪيو، جيڪو اردوءَ جي ترقيءَ توڙي پڙهندڙن جي دلچسپي وڌائڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيو. جنگ گروپ پاران فيبروري 1991ع کان لاهور، راولپنڊي ۽ ڪراچيءَ مان هڪ ئي وقت ڇپجندڙ انگريزي اخبار ‘THE NEWS’ جاري ڪئي وئي. ان کان سواءِ اردوءَ ۾ روزانه ’آواز‘ ۽ روزانه ’عوام‘، جڏهن ته فيملي مئگزين ’اخبارِ جهان‘ ۽ هڪ مخزن ’ميگ‘ به شايع ٿيندو رهي ٿو.
مير خليل الرحمان جي وفات بعد سندس ننڍو فرزند مير شڪيل الرحمان جنگ گروپ جي سربراهي ڪري رهيو آهي. ناميارو صحافي محمود شام ڳچ عرصي تائين روزاني جنگ جو ايڊيٽر رهيو، پر تازو سيپٽمبر 2010ع ۾ هن اي. آر. واءِ گروپ جوائن ڪيو آهي. هن وقت اخبار جو ايگزيڪيوٽوِ ايڊيٽر مير جاويد الرحمان آهي، جڏهن ته گروپ چيف ايگزيڪيوٽوِ مير شڪيل الرحمان آهي. هن وقت ’جنگاخبار پاڪستاني صحافت ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. هيءَ اخبار هڪ ئي وقت ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان کان سواءِ برطانيه جي گاديءَ واري شهر لنڊن مان به شايع ٿئي ٿي. جنگ گروپ پاران اليڪٽرانڪ ميڊيا ڏانهن وِک وڌائيندي، 2002ع ڌاري هڪ نيوز چئنل ’جيو‘ شروع ڪيو ويو. جنهن کي پوءِ نيوز ۽ انٽرٽينمينٽ جي حصن ۾ ورهائي الڳ فريڪوئنسيءَ سان نشر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اسپورٽس چئنل ’جيو سپر‘ ۽ نوجوانن لاءِ ميوزڪ چئنل ’آگ‘ به جنگ گروپ جي زير انتظام هلي رهيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو