شوڪت حسين شورو

شوڪت حسين شورو

شوڪت حسين شورو

شوڪت حسين شورو

شوڪت حسين شورو

شوڪت حسين شورو: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري جو جنم 4 جولاءِ 1947ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي سجاول جي ڳوٺ حاجي نور محمد شوري ۾ ٿيو. سندس پيءُ عبدالڪريم شورو زميندار هئڻ سان گڏ ناليوارو وڪيل هو، جيڪو پوءِ جج به ٿي رهيو. هن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان چار درجا سنڌيءَ جا پڙھي پوءِ انگريزي پڙھڻ لاءِ سجاول جي چانڊيا هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1966ع ڌاري سچل آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان بي. اي (پاس) ۽ 1968ع ۾ سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات شاگردي واري دور 1964ع ۾ ڪئي، سندس پھرين ڪهاڻي ”اکيون روئي پيون“ جي عنوان سان 1964ع ۾ ماهوار روح رهاڻ رسالي ۾ شايع ٿي. سندس ڪھاڻين جا چار مجموعا (1) ”گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس“ (1981ع)، (2) ”اکين ۾ ٽنگيل سپنا“ (1983ع)، (3) ”گم ٿيل پاڇو“ (1989ع) ۽ (4) ”رات جو رنگ“ (2011ع) ڇپجي چڪا آهن. هي پھرين سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، بعد ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي بطور اسڪرپٽ پروڊيوسر پنھنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو، تنھن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿيو، جتي 2006ع تائين خدمت ڪيائين. شوڪت حسين 1984ع کان 2013ع تائين سنڌي اديبن جي وفدن سان گڏ هندستان جا دورا ڪيا ۽ هتان لڏي ويل هندو سنڌي اديبن سان سندس ادبي ناتا ھُئا. سندس ڪيترائي ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. کيس خدمتن جي مڃتا طور بھترين ڪھاڻيڪار سارنگا پبليڪيشن 2001ع سميت ڪيترائي اوارڊ ۽ اعزاز قابل ذڪر آهن. پاڻ ڳچ عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رھيو. سنڌي ٻوليءَ جو ھيءُ ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار 9 نومبر 2021ع تي ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ شوڪت حسين شوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.07.04  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري جو جنم 4 جولاءِ 1947ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي سجاول جي ڳوٺ حاجي نور محمد شوري ۾ ٿيو.


2021.11.09  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار شوڪت حسين شورو 9 نومبر 2021ع تي ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حميد سنڌي
جئسنگهاڻي شيام
سندري پرچاڻي سوني ڊاڪٽر
ستار بلوچ
عشرت علي خان
عاجز ڪريم پوري
چرنداس سهاڻي
ڊاڪٽر عبدالغفورسنڌي ميمڻ
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون