رهاڻ

رهاڻ

رهاڻ

رهاڻ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور سياستدان جي. ايم. سيد جو تيار ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ سيد ميران محمد شاهه جي سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن مان چونڊ 243 خط ڏنل آهن. هي ڪتاب پنجن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين فصل ۾ سيد ميران محمد شاهه جي زندگيءَ جو مختصر احوال، ٻئي فصل ۾ 1924ع کان 1931ع تائين سندس لکيل 65 خط، ٽئين فصل ۾ 1932ع کان 1939ع تائين جا لکيل 63 خط، چوٿين فصل ۾، سال 1940ع کان 1950ع دوران لکيل تقريباً 56 خط ۽ پنجين ۽ آخري فصل ۾ 1951ع کان 1963ع تائين لکيل 60 خط شامل آهن. ان کانسواءِ جي. ايم. سيد ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو سيد ميران محمد شاهه ڏانهن لکيل هڪ خط پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو ’پيش لفظ‘ خود جي. ايم. سيد جو تحرير ڪيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1965ع ۾، ٻيو ڇاپو سال 1978ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٽيون ڇاپو ڪچي جُلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان سال 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايو ويو. ڊيمي سائيز ۽ 228 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ملهه 125 روپيا آهي.


لفظ رهاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو