شورائي

شورائي: ھن ذات وارا ماڻھو، تعلقي ميرپور بٺوري، ضلعي سجاول ۾ ڪثرت سان رھندڙ آھن. ميرپور بٺوري جي شاھي بازار جي اُتر طرف ’شورائي پاڙو‘ مشھور آھي، جنھن ۾ شورائي ذات سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي گهڻائي آباد آھي. ھِن وقت اِن پاڙي ۾ شيدي، ڪنڀار، سيد، کٽي ۽ شورا قبيلي جا مڻھو به رھندڙ آھن. ھي پاڙو/ محلو بٺوري واهه کان وٺي دينل شاهه تائين پکڙيل آھي ۽ اُتي ھڪ مسجد ’شورائين واري مسجد‘ جي نالي سان سڏجي ٿي. ’شورائي‘ پنھنجي دؤر ۾ سکيا ستابا ماڻھو ھئا. ھي اڪثر قلمي شوري جو ڪاروبار ڪندا ھئا ۽ ڦٽاڪن لاءِ بارود ٺاھيندا ھئا. ڪِن جون ته زمينداريون به ھيون. قلمي شوري جي واپار سبب ميرپور بٺورو واپار جي لحاظ کان ڪراچي جيتري آمدني رکندڙ شھر ھو. ’جنت السنڌ‘ موجب ’ھتي انگريزن قلمي شوري کي صاف ڪرڻ جا ڪارخانا به لڳايا ھئا‘. غلام محمد ۽ يار محمد شورائي هن ذات سان تعلق رکندڙ بٺوري شھر جا مشھور ماڻهو هئا. ھڪ ڀيري گهر ۾ بارود ڦاٽڻ سبب سندن وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. ان کان علاوه عثمان شورائي، محمد خان عرف مامون شورائي ۽ محمد صالح شورائي به ھن برادريءَ جا مشھور شخص ٿي گذريا آھن.


لفظ شورائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو